پرنٽ ميڊيا مري نه پئي، حڪومت ڊمين بدران ڇپجي عوام وٽ پهچندڙ اخبارن سان سهڪار ڪري:قلم ڌڻي

ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) اخباري صحافت (پرنٽ ميڊيا ) جو مستقبل روشن آهي، ڪاغذ تي لکيل ۽ ڇپيل لفظ ۽ ڳالهه تاريخ جو حصو ٿي وڃن ٿا، اخبارن کي جديد دنيا جي گهرجن ۽ ٽيڪنالاجي تحت بچائي ۽ محفوظ ڪري سگهجي ٿو، حڪومت طرفان مضبوط جمهوري نظام جي بقا لاءِ آزاد صحافت کي طاقتور بڻائڻ لاءِ ڪوڙي، ڊمي اخبارن جي حوصلا افزائي ڪرڻ بدران ڇپجي عوام وٽ ويندڙ اخبارن سان اشتهارن ۽ ٻين معاملن تي سهڪار ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب  ۾ صحافي رياض عاجز طرفان ” پاڪستان ۾ موت جي هڏڪي ڏيندڙ پرنٽ ميڊيا ” جي موضوع تي تيار ٿيل ڊاڪيومينٽري جي افتتاحي تقريب کي اخباري ايڊيٽرن، رپورٽرن ۽ هاڪرن جي تنظيمن جي اڳواڻن تقرير ڪندي ڪئي. ان موقعي تي تقريب جي صدارت ڪندي اڳوڻي ترقي پسند شاگرد اڳواڻ ۽ روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ ڳالهائيندي چيو ته روايتي پرنٽ ميڊيا ختم ٿي رهي آهي، روايتون به هڪ هنڌ بيٺل نه پر تبديل ٿيندڙ هونديون آهن. هن چيو ته پرنٽ ميڊيا کي جديد گهرجن مطابق تبديل ٿيڻ گهرجي. ڀارت، جرمني، اٽلي سميت سموري دنيا ۾ اخبارون وڏي تعداد ۾ شايع ٿي رهيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته وڏين قومي اخبارن ۽ سنڌ ۾ ڇپجندڙ ٻين اخبارن جي ڀيٽ ۾ فقط روزاني عوامي آواز پاڻ کي جديد دنيا ۾ داخل ٿي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ داخل ٿي ۽ اڄ به اها روايتي خبرن ۽ رپورٽن بدران عوام ۽ ٻي زبانن جو آواز بڻجي، سنڌ جي پوئتي پيل علائقن کان سواءِ ملڪ ۽ دنيا ۾ وڏي تعداد ۾ عام، خاص پڙهندڙن تائين پهچي رهي آهي. ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته اها ڳالهه درست نه آهي ته پرنٽ ميڊيا مري رهي آهي، پر اها بدليل حالتن ۾ وڌيڪ طاقتور ۽ عام ماڻهن جي مسئلن جو لفظن ۽ خبرن وسيلي تاريخ جو حصو بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا تي لکيل ۽ چيل ڪابه ڳالهه هڪ ٻي لمحي بعد ختم ٿي وڃي ٿي پر پرنٽ ميڊيا ۾ محفوظ ٿي تاريخ ۽ تحقيق جو حصو ٿي وڃي ٿي، هن چيو ته اخباري مالڪن جي تنظيمن هڪ هٽي وسيلي اخبارن کي وڏن شهرن تائين محدود رکيو آهي، پر ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن جي مظلوم شهرين جو آواز عوامي آواز ۽ مقامي اخبارن وسيلي ٻاهر نڪري رهيو آهي. روزاني عوامي آواز ۾ شايع ٿيل اندازن 400 رپورٽن جو سنڌ هاءِ ڪورٽ نوٽيس وٺي چڪي آهي، ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته پرنٽ ميڊيا ختم ٿيڻ بجاءِ وڌي ڪري  پنهنجن پڙهندڙن جو اعتماد حاصل ڪندي نئين سڃاڻپ حاصل ڪئي آهي، ان ۾ ڇپيل هر هڪ لفظ سماج جي هڪ ڪهاڻي آهي، هن چيو ته پرويز مشرف جي دور ۾ ڀارت جي اليڪٽرڪ ميڊيا جي توڙ لاءِ ملڪ ۾ ٽي وي ميڊيا جو ڄار وڃايو، جنهن جي قاعدن کي ڊاڪٽر جاويد جبار درست انداز ۾ اهو قانون جوڙيو ته ڪوبه اخباري مالڪ ٽي وي نيوز چينل جو لائسنس حاصل نه ٿو ڪري، بعد ۾ شيخ رشيد ان قانون کي تبديل ڪيو ۽ جڏهن اخباري مالڪن کي ٽي وي لائسنس مليا ته انهن پنهنجي اخباري صنعت تان توجهه هٽائي ڇڏي ۽ بعد ۾ سڀ مسئلا پيدا ٿيا، ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته پرنٽ ميڊيا جو خرچ وڌي ويو آهي ۽ ڪمائي گهٽجي وئي آهي، ان جي باوجود اخباري صنعت زنده آهي،اها طاقت سان اڳتي وڌي رهي آهي، ان جي موت جي ماتم ۽ افسوس ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، پرنٽ ميڊيا پنهنجي بهتر حال سميت هڪ نئين روشن مستقبل کي نئون جنم ڏئي رهي آهي، جهوني صحافي نصير هاشمي چيو ته پهريون نظرياتي صحافت هوندي هئي، هاڻي مارڪيٽنگ جي دنيا آهي، بي شمار اخبارون نڪري رهيون آهن، پر پرنٽ ميڊيا تڪليفن ۾ رکي وئي آهي، اخباري هاڪرن جي صدر اقبال نون چيو ته اڳي جڏهن صرف پرنٽ ميڊيا جو راڄ هوندو هو ته اسان کان رياستي ايجنسين جا اهلڪار به پڇا ڳاڇا ڪندا هئا، اسان کي 40 سيڪڙو منافعو ملندو آهي، پر ان ۾ به تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اخباري صنعت جي مضبوط ٿيڻ سان اسان جي گهرن جا چلها به ٻرندا رهندا، اخبارن جي سماجي حيشيت آهي، ان موقعي تي ڊاڪيومينٽري تيار ڪندڙ رياض عاجز ،جي ايم جمالي، شاهد غزالي چيو ته پرنٽ ميڊيا مري رهي، پر نااميدي نه آهي ،ان کي صحتياب ڪري سگهجي ٿو، هنن چيو ته ان سلسلي ۾ حڪومت کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڊمي اخبارن جي حوصلا افزائي بند ڪري حقيقي ميڊيا سان اشتهارن ۽ ٻين مسئلن ۾ سهڪار ڪيو وڃي، اخباري ڪاغذ تي ٽيڪس ختم يا گهٽتائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.