ڄامشورو(رپورٽ: راجا انور چانڊيو/صدرالدين جوڻيجو) ڄامشورو ۾ بلاول ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد جو هاسٽل مان گولي لڳل لاش هٿ آيو، گهريلو مسئلن کان تنگ اچي خودڪشي ڪرڻ جا چوٻول ظاهر ڪيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو سان لاڳاپيل بلاول ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندڙ ۽ نيو پي جي هاسٽل جي روم نمبر 35 ۾ رهندڙ فورٿ ايئر جي شاگرد ٺل واسي عبدالله ولد حاجي محمد سومرو جو لمس جي السينا هاسٽل جي روم نمبر 144 مان دل واري پاسي گولي لڳل لاش هٿ آيو، ڄامشورو جي بي سيڪشن پوليس ۽ لمس جي سيڪيورٽي عملدارن پهچي لاش کڻائي ڄامشورو جي ايل ايم يو اسپتال پهچايو جتان اهڙو اطلاع ڪراچي ۾ رهندڙ سندس وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر اسد الله سومرو کي ڪيو ويو جنهن جي پهچڻ تي پوليس قانوني گهرجون پوريون ڪندي فوتي جو لاش سندس حوالي ڪيو جيڪو آلين اکين سان اڪيلي سندس لاش اباڻي ڳوٺ ٺل کڻائي ويو ، واقعي بابت مليل ڄاڻ موجب يونيورسٽي جي شاگردن طرفان تقريب منعقد ڪئي وئي هئي جنهن ۾ نوجوان عبدالله توڙي سندس ساٿي موجود هئا ۽ عبدالله اڇي رنگ جو ڪاٽن جوڙو پهريل هو جيڪو تقريب اڌ ۾ ڇڏي ماني کائڻ بنا هڪ ساٿي شاگرد جي السينا هاسٽل جي روم نمبر 144 پهتو جتي تيز آواز سان ميوزڪ هلائي دل واري پاسي پاڻ تي فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، فائر جو آواز ٻڌي سيڪيورٽي گارڊ پهتا ته سندس جسم رت ۾ ڳاڙهو هو، واقعي واري هنڌ تان هڪ پسٽل هٿ ڪيو ويو جنهن مان هڪ ئي فائر ٿيل هو، ذريعن موجب عبدالله جي والد حاجي محمد سومرو ڪجھه مهينا اڳ پسند جو پرڻو ڪرڻ سبب نئين زال سان گڏ ڪوئٽا ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي ۽ فوتي جو خرچ سندس ڏاڏو برداشت ڪندو هو جيڪو ڪراچي ۾ رهندو ۽ مينهن جو واڙو هلائيندو آهي والد جي ٻي شادي بعد گذريل 6 مهينن کان عبدالله سخت پريشان رهندو ۽ دماغي مرض جو علاج به سندس هلندڙ هو جڏهن هڪ ڀيرو اڳ به عبدالله نشي آور گوريون کائي خوڪشي جي ڪوشش ڪئي هئي پر سندس دوستن کيس بچائي ورتو، ھوڏانھن سوشل ميڊيا تي پڻ آهي سوال اٿاريا ويا آهن ته زبردست سيڪيورٽي جي دعويدار لمس يونيورسٽي جي هاسٽلن ۾ هٿيار ڪيئن پڄن ٿا جڏهن ته ان دعويدار لمس يونيورسٽي جي انتظاميا سيڪيورٽي خدشا ڄاڻائي يونيورسٽي مان قديمي ڳوٺن جا رستا بند ڪيا، لمس اسپتال جي او پي ڊي ۽ ايمرجنسي وارڊ ڪالوني واري رستي ڏانهن شفٽ ڪري ڇڏيا، رڪشن تي ايندڙ مريضن لاءِ رستا بند ڪيا ويا، لمس ڪالوني جي رهواسين کي يونيورسٽي جي رستي کان هڪ سيمنيٽ جي ٻوري کڻي اچڻ تي به سيڪيورٽي عملدارن پاران ڏهن هنڌن تي رستا روڪ ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ هي گولين سميت هٿيار لمس يونيورسٽي جي ھاسٽلن ۾ ڪيئن پڄن ٿا .
ٺل ڀرسان شاگرد جي تدفين، والد طرفان قتل جو شڪ
جيڪب آباد (رپورٽ: عباس علي سومرو )ڄامشورو جي لمس يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ ڊاڪٽر عبدالله سومرو جو گوليون لڳل لاش ملڻ وارو مامرو، وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر، جاچ جو مطالبو، ٺل ڀرسان ڳوٺ جمعو ڊکڻ جي رهواسي نوجوان چوٿين ڪلاس جو ميڊيڪل جي شاگرد ڊاڪٽر عبدالله سومرو جو ابو سينا هاسٽل جي 144 روم ۾ گولي لڳل لاش ملڻ بعد نوجوان جو مڙهه ايمبوليس ذريعي ڄامشورو کان ٺل جي ڳوٺ جمعو ڊکڻ پهتو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، نوجوان ڊاڪٽر عبدالله سومرو جي جنازي نماز اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي، ادبي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن استادن ۽ سومرا برادري جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته نوجوان جو لاش اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، مقتول ڊاڪٽر عبدالله سومرو جي والد پاران پٽ کي قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو، مقتول جي والد حاجي خان سومرو ٻڌايو ته پٽ ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ گڏ هو ڪابه پريشاني نه هئس، مونکي رات 12 وڳي روميٽن اطلاع ڪيو ته تنهنجي پٽ جو گوليون لڳل لاش روم مان مليو آهي جڏهن ته منهنجي پٽ کي روم نمبر 35 الاٽ ٿيل هو پر هن جو لاش روم نمبر 144 ۾ مليو اهواتي ڪيئن پهتو ۽ انتظاميه هڪ ڪلاڪ دير ڇو پهتي اهي ڳالهيون سوال ۽ خدشا پيدا ڪن ٿيون مونکي شڪ آهي ته پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي، منهنجو پٽ سلڇڻو ۽ ذهين شاگرد هو اهو خودڪشي نه ٿو ڪري سگهي جنهن ڪري مان لمس انتظاميه ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته مامري جي شفاف جاچ ڪرائي ملوٽ ماڻهن کي ظاهر ڪيو وڃي.
عبدالله کي ڪالون ڪندڙ ڇوڪريءَ بابت جاچ ڪئي ويندي: ڊائريڪٽر سيڪيورٽي لمس
ڄامشورو: ڊائريڪٽر سيڪيورٽي لمس منصور چنو ٻڌايو ته عبدالله گهريلو مسئلن ۽ والد جي ٻي شادي سبب پريشان رهندو هو باقي بلاول ڪاليج ۾ ڪا به شاگردياڻي تعليم نه پئي پرائي، سندس نمبر تي فون ڪندڙ ڇوڪريءَ ڪير آهي ان بابت جاچ ڪئي ويندي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او بي سيڪشن ڄامشورو سجاد جمالي عوامي آواز کي ٻڌايو ته واقعي جو اطلاع ملڻ تي اسان هاسٽل پهچي لاش ۽ پسٽل تحويل ۾ ورتو، لاش اسپتال پهچايو ۽ پسٽل سيل ڪري ڇڏيو آهي جيڪو ڪنهن جو آهي ان بابت جاچ ڪرائي ويندي ۽ واقعي بابت 144 جي ڪارروائي رپورٽ داخل ڪئي آهي جيڪا اڄ سومر ڏينهن لاڳاپيل مئجسٽريٽ وٽ پيش ڪئي ويندي جنهن بعد وڌيڪ جاچ ڪري اصل حقيقت تائين پهچنداسين.
واقعي واري رات هڪ ڇوڪريءَ جون به عبدالله جي نمبر تي ڪالون لڳل هيون: ذريعا
ڄامشورو: واقعي بابت ذريعن موجب والد جي ٻي شادي بعد عبدالله هن کان ناراض هو ۽ واقعي رات هڪ ڇوڪريءَ جون به سندس نمبر تي مسلسل ڪالون اچي رهيون هيون اها ڇوڪري ڪير هئي ۽ پسٽل ڪنهن جو هو ڪو پتو پئجي نه سگهيو، ان سلسلي ۾ مسلسل چيف هاسٽل پروسٽ صلاح الدين ميمڻ سان ڪوشش باوجود ربطو ٿي نه سگهيو.