ايف آءِ اي جي ڪارروائي، ڪروڙين رپين جي پرڏيهي ڪرنسي هٿ

ڪراچي (رپورٽر) ايف آءِ اي ڪراچي ۾ حوالا هُنڊي ۽ غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي ڪروڙين رپين جي پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪري ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، ايف آءِ اي ترجمان موجب ڊي جي ايف آءِ اي جي هدايت تي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل ڪراچي طرفان جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي پارڪنگ ايريا ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث اسامه عابد ۽ محمود بٽ کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار ٿيل ماڻهن وٽان هڪ لک آمريڪي ڊالرز برآمد ٿيا جن جي ماليت 2 ڪروڙ 80 لک رپين کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي، ٻئي ماڻهو بغير لائسنس ڪرنسي ايڪسچينج جو ڪاروبار ڪري رهيا هئا، ايف آءِ اي ترجمان موجب، گرفتار ٿيلن وٽان موبائل فونز ۽ غير قانوني ڏيتي ليتي جا ثبوت به هٿ ڪيا ويا، جڏهن⁠ ته اهي برآمد ٿيل ڪرنسي بابت وڌيڪ وضاحت نه ڏئي سگهيا، ايف آءِ اي ٻنهي خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ سندن ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن.

  1. بلوچستان ۾ انتهائي گهربل دهشتگرد مارجي ويو

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ دهشت گردي جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث تنظيم فتنه الهندستان جو انتهائي گهربل دهشت گرد جميل عرف ٽيٽڪ مارجي ويو، رپورٽ موجب سيڪيورٽي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته جميل عرف ٽيٽڪ جي مارجڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، جيڪو بلوچستان جي ضلعي پنجگور جو رهواسي هو ۽ پنجگور، بليده سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ دهشت گرد ڪاررواين ۾ سرگرم رهيو، ذريعن موجب جميل 2022ع ۾ پنجگور هيڊڪوارٽر تي ٿيل حملي سميت ڪيترن ئي وڏين وارداتن ۾ پڻ ملوث رهيو آهي، ان کان اڳ بلوچستان جي وزيراعلى سرفراز بگٽي صوبي ۾ امن امان بابت بيان ڏيندي چيو هو ته بلوچستان ۾ ڪا بغاوت نه پر ڀارت جي حمايت يافته نام نهاد عليحدگي پسند تحريڪون سرگرم آهن، جيڪي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿيون،سرفراز بگٽي موجب، ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ بلوچستان ۾ بدامني ۽ دهشتگردي وڌائڻ جي اصل ذميوار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.