سنڌ ۾ ڊينگي ۽ مليريا جا وڌندڙ ڪيس

سنڌ ۾ ڊينگي ۽ مليريا جا وڌندڙ ڪيس خطرناڪ صورت اختيار ڪري چڪا آهن، پر صحت کاتي جي انتظامي غفلت ۽ بلدياتي ادارن جي غيرذميوار رويي سبب اهو مسئلو هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ خطري جو سبب بڻجي رهيو آهي. شهر کان ڳوٺ تائين اسپتالن ۾ ڊينگي ۽ مليريا سان متاثر مريضن جا انگ وڌندا پيا وڃن، ڊينگي ۽ مليريا جي وبا هر سال ساڳئي لاپرواهيءَ ۽ غفلت جي نتيجي ۾ جنم وٺندي آهي. جڏهن برسات پوندي آهي ۽ نيڪال جو نظام تباهه ٿي ويندو آهي، جڏهن علائقن ۾ گندگيءَ جا ڍير، گندي پاڻيءَ جا تلاءُ ۽ کليل نالين ۾ وڌندڙ مڇرن جو راڄ عام ٿي وڃي ٿو. صورتحال اها آهي جو سنڌ جي هر ضلعي اسپتال ۾ ڊينگي ۽ مليريا جا وارڊ مڪمل ڀريل آهن، جتي مريضن لاءِ نه بسترا آهن، نه ئي دوائون.

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن هر سال ساڳي بيماري پکڙجي ٿي، تڏهن حڪومت وٽ اڳواٽ ڪا حڪمتِ عملي ڇو ناهي هوندي؟ ڇا ڊينگي ۽ مليريا کي روڪڻ لاءِ اسپري مهم، صفائيءَ جا اپاءَ ۽ بيٺل پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ نظام ٺاهي نٿو سگهجي؟ صحت کاتو هر سال لکين روپيا اسپري مهم، دوائن جي خريد ۽ آگاهي مهمن لاءِ ڏيکاريندو آهي، پر نتيجو صفر نظر اچي ٿو. نه شهر صاف ٿين ٿا، نه اسپري ٿيندو آهي، نه ماڻهن کي آگاهي ملي ٿي. ماڻهن جا ٻار، عورتون ۽ پوڙها مڇرن جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آهن،

سنڌ جي وڏن شهرن ۾ حالت ته پوءِ به ڪجهه بهتر آهي، پر ڳوٺاڻن علائقن ۾ ته صورتحال خوفناڪ حد تائين خراب ٿي وئي آهي. هتي نه صفائيءَ جو نظام آهي، نه اسپتالن ۾ ليبارٽري ٽيسٽون، نه دوائون ۽ نه ئي ڪو ايمرجنسي سينٽر. ڊينگي ۽ مليريا جو مريض جڏهن ڳوٺ مان اسپتال پهچي ٿو، تڏهن اڪثر سندس حالت خراب ٿيل هوندي آهي ڪيترن ئي علائقن ۾ رت جي ٽيسٽ لاءِ نجي ليبارٽريون هڪ هزار کان وڌيڪ في ٽيسٽ وٺي رهيون آهن.

خيرپور، سکر، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، حيدرآباد، بدين، سانگهڙ، ٽنڊوالهيار، ڪشمور، گهوٽڪي،شڪارپور ۽ ڪراچي جا اسپتال وارڊ ڊينگي ۽ مليريا جي مريضن سان ڀرجي ويا آهن. ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڊاڪٽرن جي رپورٽن موجب مريضن جو انگ اڳين سالن جي ڀيٽ ۾ ٽيڻ تي پهچي چڪو آهي، پر حڪومت جي ترجمانن جا بيان اڃا تائين اهو ئي چون ٿا ته ”حالتون ڪنٽرول ۾ آهن.“ سوال اهو آهي ته جيڪڏهن سڀ ڪجهه ڪنٽرول ۾ آهي، ته پوءِ ماڻهن جي موت ۽ مريضن جو انگ ڇو وڌي رهي آهي؟

هي سڀ ڪجهه رڳو انتظامي نااهلي نه آهي، پر انساني بيحسيءَ جو مظاهرو آهي. صحت جي اداري کي خبر هوندي آهي ته برساتن کان پوءِ مڇرن جي وڌڻ جو امڪان هوندو آهي، پر نه صفائيءَ لاءِ ڪميٽيون ٺهن ٿيون، نه نيڪال جا نالا صاف ٿين ٿا، نه پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڪو پلان ۽ نه ئي اسپتالن ۾ اڳواٽ دوائن جو اسٽاڪ. جتي اسپري ٿيڻ گهرجي، اتي يا ته اسپري مشينون خراب پيل آهن يا تيل وغيره لاءِ پئسا نه آهن.  هاڻي ته صورتحال اها ٿي وئي آهي جو اسڪولن، ڪاليجن ۽ آفيسن ۾ به ڊينگي جا مريض سامهون اچي رهيا آهن. ٻار، جيڪي تعليم لاءِ وڃن ويندا آهن، سي بيماري جو شڪار ٿي واپس موٽندا آهن. پر حڪومت جا آفيسر اڃا تائين اجلاس ڪري رهيا آهن ته ”ڊينگي کي روڪڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي.“  حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ ڊينگي ۽ مليريا صرف بيماريون نه رهيون آهن، پر حڪومتي نااهليءَ جو آئينو بڻجي ويون آهن.

اسان کي ياد رکڻو پوندو ته صحت ڪنهن به سماج جي زندگيءَ جو بنيادي ٿنڀ آهي. جڏهن اهو بنياد ڪمزور ٿيندو آهي، تڏهن سماج جو هر پاسو زوال جو شڪار ٿيندو آهي. سنڌ جي موجوده صورتحال هڪ خطري جي نشاندهي ڪري  رهي آهي، جنهن کي نظرانداز ڪرڻ خودڪشيءَ ڪرڻ جي برابر هوندي. جيڪڏهن صحت سان لاڳاپيل ادارا  نه جاڳيا ته ايندڙ مهينن ۾ ڊينگي ۽ مليريا وڌيڪ خطرناڪ شڪل اختيار  ڪري ويندا.  سنڌ جا ماڻهو پنهنجي زندگين لاءِ حڪومتي رحم جا محتاج نه آهن. انهن کي رڳو ايترو گهرجي ته جيڪي وسيلن تي انهن جو حق آهي، اهي صحيح نموني استعمال ٿين. جيڪڏهن صحت کاتو، بلدياتي ادارا ۽ انتظاميا پنهنجي فرضن کي ايمانداري سان نڀائن، ته ڊينگي ۽ مليريا جهڙيون بيماريون ڪنٽرول ۾ آڻي سگهجن ٿيون. پر جڏهن ڪرپشن، بيحسي ۽ نااهلي حڪومتي پاليسين جو حصو بڻجي وڃن، تڏهن مڇر به ’حڪمران‘ بڻجي ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.