سوچ به کڙڪو آهي، هڪ اهڙو خيال آهي جيڪو انسان جي وجودي، فلسفياتي، نفسياتي ۽ سماجي حقيقت کي مختصر لفظن ۾ بيان ڪري ٿو. هي خيال رڳو هڪ جملو نه پر هڪ فڪري تحريڪ آهي، جيڪا انسان کي ٻڌائي ٿي ته فڪر ڪڏهن به بي تحرڪ نه هوندو آھي، پر هر وقت حرڪت ۾ رھندو آهي ۽ اها حرڪت ئي زندگيءَ جو بنيادي اصول آهي. سوچ، انسان جي وجود جي سڀ کان متحرڪ قوت آهي. اها قوت انسان کي حال کان ماضي ڏانهن ۽ ماضي کان مستقبل ڏانهن وٺي وڃي ٿي. ”سوچ به کڙڪو آهي” جي معنيٰ آهي ته فڪر ڪڏهن به هڪ هنڌ بيٺو نٿو رهي. جيئن پاڻي وهندو رهي ته صاف ۽ حياتي بخش ٿئي ٿو، تيئن فڪر به متحرڪ رهي ته زنده ۽ تخليقي رهي ٿو. جڏهن سوچڻ جو عمل رڪجي وڃي ٿو، تڏهن ذهن جمود، انڌي عقيدت ۽ فڪري مرده حالت جو شڪار ٿي وڃي ٿو.
فلسفي جي نظر ۾ حرڪت (Motion) ۽ تبديلي (Change) ڪائنات جي بقا جا بنيادي اصول آھن. تنھنڪري فلسفي جي دنيا ۾ ”فڪر“ هميشه وجود جي بقا ۽ معنيٰ سان ڳنڍيل رهيو آهي. هيراقليطس (Heraclitus) چيو هو: ”تبديلِي ئي حقيقت آهي.“ اهو ئي اصول انساني فڪر تي لاڳو ٿئي ٿو. سوچ به تبديل ٿئي ٿي، وڌي ٿي ۽ نئين معنائن کي جنم ڏئي ٿي. ”سوچ به کڙڪو آهي“ ان حقيقت جو اظهار آهي ته انساني ذهن جي ترقي تڏهن ممڪن آهي جڏهن سوچ نئون سوال پيدا ڪري، پراڻن جوابن کي پرکڻ جي جرئت رکي ۽ روايتي پابندين کي ٽوڙي نئون فڪر پيدا ڪري. نفسياتي لحاظ کان، سوچ جو کڙڪو انساني شعور جي تحرڪ جي علامت آهي. انساني ذھن جڏهن نون تجربن، حالتن ۽ خيالن سان واسطو رکي ٿو، تڏهن هو وڌي ٿو. سوچ جي حرڪت ئي تخليق جو ذريعو آهي. جڏهن انسان سوچڻ ڇڏي ڏئي ٿو، تڏهن هو زنده هوندي به بيجان ٿي وڃي ٿو. ”سوچ به کڙڪو آهي“ اسان کي اهو سيکاري ٿو ته هر فڪر کي نئين لاڳاپي، نئين سوال ۽ نئين سمجهه جي ضرورت آهي. تنھنڪري اھو چئي سگھجي ٿو تھ سوچ انساني شعور ۽ لاشعور جي وچ ۾ هڪ پل آهي. انسان جي اندر ۾ هلندڙ فڪر ئي ان جي سڃاڻپ ٺاهي ٿو. امر پيرزادو جڏهن سوچ کي کڙڪو سڏي ٿو، تڏهن هو لاشعوري طور انسان جي نفسياتي تحرڪ کي بيان ڪري ٿو يعني انسان جي اندر جو فڪر مسلسل متحرڪ آهي، جيڪو نوان خيال پيدا ڪري ٿو، پراڻن عقيدن کي ٽوڙي ٿو ۽ ذاتي شعور کي وسيع ڪري ٿو.
سماجي لحاظ کان به هي خيال انتهائي اهم آهي. ڪو به سماج تڏهن ترقي ڪري ٿو، جڏهن ان جا ماڻهو سوچڻ شروع ڪن ٿا. جڏهن فڪر جامد ٿي وڃي ٿو، تڏهن سماج زوال پذير ٿي وڃي ٿو. ”سوچ به کڙڪو آهي“ ڪتاب سماج کي فڪري آزادي، تنقيد ۽ نئين فڪر جي دعوت ڏئي ٿو. اهو چوي ٿو ته اسان کي فڪر جي کڙڪي کي روڪڻ نه گهرجي، ڇو ته اهو کڙڪو ئي تبديليءَ جو سرچشمو آهي. هي خيال اسان کي اهو به سيکاري ٿو ته سوچ کي روڪڻ، سوالن کي دٻائڻ يا فڪر کي محدود ڪرڻ انساني روح کي قتل ڪرڻ برابر آهي. فڪر جو کڙڪو ئي انسان کي تبديل ڪري ٿو ۽ ان کي نئون يا ماڊرن (Modern) بڻائي ٿو ۽ هر دور جو نئون فڪر ئي اڳئين فڪر کي وسعت ڏئي ٿو. انساني تمدن، سائنس، فلسفي ۽ ادب جي سڄي تاريخ سوچ جي کڙڪي جي ڪهاڻي آهي. انهيءَ لحاظ کان سوچ به کڙڪو آهي رڳو هڪ فڪري خيال نه پر هڪ اخلاقي ۽ وجودي اصول آهي. جيڪو سيکاري ٿو ته زنده رهڻ لاءِ سوچڻ ضروري آهي ۽ ترقي ڪرڻ لاءِ سوچ جو کڙڪو لازمي آهي. فڪر جي حرڪت ئي زندگيءَ جي معنيٰ آهي، ڇاڪاڻ ته سوچ بيهي وڃي ته انسان ختم ٿي وڃي ٿو، پر جڏهن سوچ ڦرندي رهي ٿي يا حرڪت ۾ رھي ٿي ته انسان ۽ انسانيت اڳتي وڌندا رهن ٿا، اھڙي طرح سماج حقييقت ۾ ترقي ڪن ٿا جيڪا پوري عالم جي ترقي جو سبب بڻجي ٿي.
امر پيرزادي جو ڪتاب ”سوچ به کڙڪو آهي“ سنڌي سماج لاءِ فڪري ۽ سماجي سجاڳيءَ جو اهم آواز آهي، جيڪو ماڻهن کي بيحسي ۽ جمود مان ٻاهر نڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو. هي ڪتاب ٻڌائي ٿو ته سنڌي سماج ۾ تبديلي تڏهن اچي سگهي ٿي، جڏهن ماڻهو سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ شعوري طور زندگيءَ جا مطلب سمجهڻ شروع ڪن. امر پيرزادو پنهنجي فڪر ذريعي سماج کي اهو احساس ڏيارڻ ٿو چاهي ته روايتي بندشون، انڌي تقليد ۽ بي فڪري انساني ترقيءَ جا سڀ کان وڏا سبب آهن. ”سوچ به کڙڪو آهي“ سنڌي سماج کي فڪري تحرڪ، خود آگاهي ۽ علمي بيداريءَ ڏانهن ڌڪيندي هڪ اهڙي فڪري لهر پيدا ڪري ٿي، جيڪا فڪر کي زنده ۽ قوم کي متحرڪ رکڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي.
ڪتاب جا مضمون پڙهندڙ کي پاڻ سان ڳالهائڻ، پنهنجي فڪر جي حدن کي جاچڻ ۽ نئين فڪري افق ڏسڻ تي مجبور ڪن ٿا. هي عمل نفسياتي سجاڳي (self-realization) ڏانهن وٺي وڃي ٿو، جيڪو هر فڪري انسان لاءِ ارتقا جو اهم قدم آهي. امر پيرزادي جي فڪري تحريڪ رڳو ذاتي نه پر اجتماعي آهي. سندس فڪر ۾ اهو تصور موجود آهي ته سماج تڏهن اڳتي وڌي سگهي ٿو، جڏهن ان جا فرد فڪري طور آزاد ۽ بيدار ٿين. ”سوچ به کڙڪو آهي“ ۾ فڪر کي هڪ اجتماعي تحريڪ طور پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو جمود، فرسودگي ۽ تقليد جي زنجيرن کي ٽوڙي نئين فڪري آزاديءَ ڏانهن وٺي ٿو وڃي. بنيادي طور، هي ڪتاب سنڌي پڙهندڙ کي نئين فڪر جي دنيا ۾ داخل ڪري ٿو، جتي سوچ علم، فڪر ۽ عمل جي سنگم تي بيٺي آهي. ھي ڪتاب اهو پيغام ڏئي ٿو ته سماج ۾ تبديلي تڏهن ممڪن آهي جڏهن سوچ متحرڪ هجي ۽ ماڻهو پنهنجي روايتي فڪر جي بندش کان ٻاهر نڪري فڪري آزادي حاصل ڪن.
ادبي لحاظ سان امر پيرزادي جو اسلوب علامتي، فڪري ۽ وجداني آهي. هن جي ٻوليءَ ۾ فڪر جي گرمي ۽ احساس جي نرمي گڏيل صورت ۾ موجود آهي. سوچ کي هن رڳو لفظي موضوع طور نه پر فڪري سفر طور پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ پرھندڙ پاڻ کي به ڳولي ٿو ۽ پنهنجي سماج کي به. ڪتاب ۾ جتي سنڌ جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي، اتي ٻوليءَ جي حرڪت به محسوس ٿئي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جو حسن ۽ لفظن جو استعمال نئين معنائن ۾ نروار ٿئي ٿو.
امر پيرزادي جو هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ نئين سوچ ۽ تبديلي جي حيثيت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو پڙهندڙ کي بي فڪريءَ مان ڪڍي ان ۾ بيداريءَ پيدا ڪري ٿو ۽ سيکاري ٿو ته انسان تڏهن ئي زنده رھي سگھي ٿو، جڏهن سندس سوچ زنده هجي. ڇاڪاڻ تھ سوچ جي حرڪت ئي انسان کي نئين دنيا ڏانهن وٺي وڃي ٿي ۽ انهيءَ تحرڪ سان ئي سماج ۾ نوان فڪري ۽ علمي افق پيدا ٿين ٿا.