دوحه ۾ افغانستان سان امن ڳالهين جي باوجود ماهرن کي خدشو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڊگهي مدي وارو امن قائم رهڻ ممڪن نه ٿيندو. گذريل ڏينهن جنگ بندي جي توسيع جي باوجود پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪوششون ناڪام بڻايون ويون ۽ ان کان پوءِ پاڪستاني فوج افغان صوبي پڪتيڪا ۾ گل بهار گروپ جي لڳ ڀڳ سئو دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي.
وزير دفاع خواجه آصف جي سربراهي ۾ پاڪستاني وفد هن دوران دوحه ۾ افغان وفد سان امن ڳالهه ٻولهه جو آغاز ڪيو آهي. انهن ڳالهين ۾ ٻنهي ملڪن جي انٽيليجنس ايجنسيز جا سربراهه پڻ شامل آهن. پاڪستان افغانستان کي واضح ڪيو آهي ته افغان حڪومت کي پنهنجي سرزمين تان پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪندڙ گروهن کي روڪڻو پوندو ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان جي سرپرستي کان دست بردار ٿيڻو پوندو. هاڻي اها ڳالهه ڪافي نه مڃي ويندي ته هي مسئلو پاڪستان جو اندروني معاملو آهي ۽ افغانستان جو ان سان ڪو واسطو ناهي. پاڪستاني وفد جي گهر هئي ته افغانستان اهڙي قسم جون ڪارروائيون ڪري جن جي تصديق ٻنهي پاسن کان ٿي سگهي. يعني افغان اختيارين کي ثبوتن جي بنياد تي پاڪستان کي يقين ڏيکارڻو پوندو ته واقعي دهشتگردن کي روڪيو پيو وڃي.
افغان وفد اڃان تائين ان مطالبي جو ڪو جواب ڏنو نه آهي، پر فوري جنگ روڪڻ لاءِ شايد پاڪستان جو مطالبو قبول ڪيو وڃي. البته ماهرن جو خيال آهي ته پاڪستان هاڻي رڳو واعدن تي اعتماد نه ڪندو ۽ ان جو مطالبو هوندو ته افغان اختيارين پنهنجي عملي ڪم بابت تفصيل مهيا ڪن. گڏوگڏ پاڪستان ۾ مسلسل ٿيندڙ دهشتگرد ڪاررواين ۾ گهٽتائي به ڏسڻ ۾ اچي. ظاهري طور تي افغانستان اهڙي ڪارروائي ڪرڻ ۾ نه ته دلچسپي رکي ٿو ۽ نه ئي ان جي ذميداري قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندو. ماهرن کي خدشو آهي ته شايد افغان وفد جنگ بندي حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙو ڪو واعدو ڪري جيڪو عملي طور تي پورو نه ڪيو وڃي. گذريل تجربن جي روشني ۾ اهو ئي خطرو آهي ته واعدن تي عمل نه ٿيندو ۽ صورتحال جيئن جي تيئين رهندي.
پاڪستان پاڻ طئي ڪري چڪو آهي ته جيڪڏهن افغان اختيارين پنهنجي ملڪ ۾ پاڪستان مخالف سرگرم دهشتگرد گروهن، جن کي پاڪستان "فتنه الخوارج” ۽ "فتنه الهندستان” چوي ٿو، کي روڪڻ ۾ دلچسپي ظاهر نه ڪندا ته پاڪستان پاڻ ئي اهڙن گروهن جو پيڇو ڪندو. گل بهار گروپ خلاف ٿيندڙ ڪارروايون به انهيءَ حڪمتِ عملي جو نتيجو آهن. هاڻي افغانستان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اهڙي ڪنهن ڪارروائي کي امن دشمن قوتن خلاف قدم سمجهي خاموش رهجي وڃي يا انهيءَ کي پنهنجي "خودمختياري” تي حملو قرار ڏئي بيوقوفيءَ جو مظاهرو ڪجي، گذريل هفتي وانگر، پاڪستان جي سرحدن تي بمباري شروع ڪري ڏجي. جيڪڏهن افغانستان سرحد تي جنگ جاري رکڻ تي زور ڀريو ته اهو امڪان موجود آهي ته پاڪستان مجبوريءَ ۾ افغان علائقي ۾ داخل ٿي سڪيورٽي زون قائم ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي.
افغانستان اڳ ۾ ئي پاڪ افغان سرحد تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ ان کي ڊيورنڊ لائن جو نالو ڏيندي پاڪستان جي وسيع علائقن تي دعويٰ ڪندو رهيو آهي. اها سفارتي پوزيشن رکندي جيڪڏهن سرحد کي محاذ جنگ ۾ تبديل ڪيو وڃي ته پاڪستان لاءِ افغان فورسز کي ختم ڪرڻ کان علاوه پنهنجي علائقي ۾ حفاظتي زون قائم ڪرڻ آسان ٿي ويندو. اهڙي صورت ۾ افغانستان اها به شڪايت نه ڪري سگهندو ته پاڪستان عالمي طور تسليم ڪيل بين الاقوامي سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته افغان حڪومت پاڻ ئي اها سرحد تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿي. هي صورتحال ڪابل جي ڪمزور ۽ اندروني انتشار سان جهڙيل حڪومت لاءِ گهڻي ذلت ۽ شرمندگي جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي.
انهن حالتن ۾ دوحه ۾ هلندڙ ڳالهيون افغانستان کي مناسب موقعو ڏئي رهيون آهن. جيڪڏهن افغان اختيارين وٽ ٽي ٽي پي ۽ ڀارتي ايجنسين جي مدد سان سرگرم ٻين پاڪستان مخالف گروهن تي قابو پائڻ جا وسيلا نه آهن ته انهن کي اهو مڃي وٺڻ گهرجي ته پاڪستان پاڻ اهڙن عنصرن جو خاتمو ڪري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ ته افغان اختيارين انهن کي پناھ ڏيڻ ۾ دلچسپي نه رکندا. ٻي صورت ۾ هڪ طرف پاڪستان سان لاڳاپيل مفادن کي نقصان پهچندو، پاڪستان مان افغان پناھگيرن جي واپسي جو سلسلو تيز ٿيندو ۽ پاڪستان کي افغانستان ۾ حملا ڪرڻ کان روڪڻ ممڪن نه رهندو. افغانستان وٽ هن وقت پاڪستان سان ڪو قابلِ عمل معاهدو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه آهي.
پاڪ فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ۾ پاسنگ آئوٽ پيرڊ کي خطاب ڪندي واضح ڪيو ته "اسان افغانستان جي ماڻهن کي زور ڏيون ٿا ته اهي دائمي تشدد جي بدران باھمي سلامتي کي ترجيح ڏين.” هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين جو استعمال پريشان ڪن عمل آهي. قانون لاڳو ڪرڻ وارا ادارا، هٿياربند فوج ۽ پاڪستان جي بهادر عوام، خاص ڪري خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جا ماڻهو، يقيناً ان لعنت کي شڪست ڏيندا. ساڳئي تقرير ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪستان ڀارت لاڳاپن تي پڻ روشني وڌائي ۽ واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڀارت ٻيهر جارحيت جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان کيس توقع کان گهڻو سخت جواب ڏيندو. هن چيو ته جنگ ۾ اسان جا هٿيار ڀارت جي جغرافيائي وسعت وارو تصور ختم ڪري ڇڏيندا. ڪنهن به جنگي ڪارروائي جي صورت ۾ فوجي ۽ اقتصادي نقصان ڀارت جي اميدن کان گهڻو وڌيڪ ٿيندا. هن انڊين فوجي قيادت کي سختي سان خبردار ڪيو ته ” ايٽمي ماحول ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ لاءِ ڪا جڳهه ناهي.” پاڪستان سان بنيادي مسئلا بين الاقوامي اصولن جي مطابق، برابر ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي حل ڪيا وڃن. اسان ڀارت جي بيانبازي سان خوفزده نه ٿينداسين ۽ ڪنهن به قسم جي ننڍڙي اشتعال انگيزي جو به فيصله ڪن جواب ڏينداسين. اهڙي ڪنهن به تڪرار جا نتيجا آخرڪار پوري خطي ۽ ان کان ٻاهر تباهيءَ جا سبب بڻجي سگھن ٿا
فيلڊ مارشل جي تقرير مان به واضح ٿئي ٿو ته جيڪڏهن پاڪستان کي مشرق ۾ ڀارت سان جنگ جو خطرو آهي ته اتر اولهه ۾ افغانستان هڪ نئون محاذ کولي رهيو آهي. پاڪستان کي هاڻي ان ڳالهه جو شڪ نه رهيو ته افغان اڳواڻ ڀارت جي همٿ افزائيءَ تي پنهنجي عسڪري قوت ۽ وسيلن کان وڌيڪ ڳالهائيندي پاڪستان خلاف جنگ جي ڳالهيون ڪري رهيا آهن. انهي حوالي سان ڳالهائيندي پاڪستان فوج جي سربراهه چيو ته ٻنهن محاذن بابت ڳالهائڻ مان مراد اها آهي ته پاڪستاني فوج ڪنهن به رخ تي غافل نه رهندي ۽ ڪنهن به جنگي چال جو پوري طاقت سان جواب ڏيندي. هن خطاب ۾ افغانستان لاءِ اهو پيغام ڏنو ته پاڪستان هاڻي اتي متحرڪ دهشتگرد گروهن کي برداشت نه ڪندو ۽ انهن جي ٺڪاڻن کي ختم ڪيو ويندو. ساڳئي وقت ڀارت کي ٻڌايو ويو ته جنگ جي حالت ۾ عسڪري تڪرار هڪ ئي محاذ تائين محدود نه رهندو، بلڪه سڄي انڊيا ۾ ڪو به عسڪري يا معاشي نشانو پاڪستاني نشاني کان محفوظ نه ٿيندو. هي واضح خبرداري آهي جنهن تي نيو دهلي کي سنجيدگي سان غور ڪرڻ گهرجي.
اهڙي دور ۾ جڏهن پاڪستان ٻنهي پاسن کان خطرناڪ ۽ ناقابلِ اعتبار دشمنن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ملڪ جي اندر سياسي ۽ مذهبي بنيادن تي انتشار پيدا ڪندڙ گروهه مسلسل عوام ۾ بيچيني ۽ پريشاني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. انهن جي سرڪاري موقف سان يڪجهتي جي بدران سياسي مطالبن جي آڙ ۾ يا ثالثي جي نالي تي تنقيد کي ترجيح ڏني پئي وڃي.
ملڪ جي سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن کي سوچڻ گهرجي ته انهن جي سڄي قيادت ۽ سياست ئي انهي ملڪ جي ڪري ممڪن آهي. جيڪڏهن ڪوتاه انديشيءَ جي ڪري پنهنجي ئي وطن کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون ته اهو ان ئي شاخ کي ڪٽڻ جي مترادف هوندو جنھن تي سندن آشيانو بيٺل آهي.