ڇا افغانستان ٻن حصن ۾ ورهائجڻ وڃي پيو؟

تحرير: يونس خان

افغانستان هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ جي اُن موڙ تي اچي بيٺو آهي، جتي اندرين ڪمزوريون، ٻاهرين دٻاءُ ۽ انساني بحران جا وڌندڙ آثار گڏجي نئون نقشو ٺاهي سگهن ٿا۔ طالبان جي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ملڪ ظاهري طور متحد ضرور آهي، پر اندروني طور تي ورهاست، اختلاف ۽ مزاحمت جون لڪيرون هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ نمايان ٿي رهيون آهن۔ طالبان ۽ پاڪستان وچ ۾ وڌندڙ سرحدي جهڙپون، افغان مهاجرن جي زبردستي واپسي ۽ علائقي ۾ عسڪري دٻاءُ جا وڌندڙ لاڙا هڪ نئون سوال جنم ڏئي رهيا آهن، ڇا افغانستان واقعي به اوڀر ۽ اولهه جرمني يا اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا جيان ٻن حصن ۾ ورهائجڻ وڃي پيو؟

تاريخي طور افغان سماج ڪڏهن به مرڪزيت پسند نه رهيو آهي۔ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ طالبان ۽ ”شمالي اتحاد“ جي وچ ۾ جيڪا عملي ورهاست موجود هئي، سا حقيقت ۾ ٻن الڳ رياستن جي حيثيت اختيار ڪري چڪي هئي. ڪابل ۽ قندار هڪ پاسي، ۽ مزار شريف ۽ بدخشان ٻي پاسي۔ طالبان جي 2021ع ۾ ٻيهر اقتدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ تاجڪ، ازبڪ، هزارا ۽ ترڪمان برادرين ۾ مزاحمت ۽ عليحدگيءَ جا جذبا هڪ ڀيرو ٻيهر جنم وٺي چڪا آهن۔

تازو پاڪستان سان ٿيندڙ سرحدي ڇڪتاڻ واضع طور تي باقاعده جنگ جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي۔ طالبان طرفان باجوڙ، چمن ۽ اسپن بولدڪ وارن علائقن ۾ حملا ۽ پاڪستان جون جوابي ڪارروايون، ڪنهن نئين سرحدي نظام جي تمهيد لڳن ٿيون۔ طالبان جي حڪمتِ عملي ڪنٽرول ۽ مزاحمت تي ٻڌل آهي، پر سندن حڪمرانيءَ جي صلاحيت لڳ ڀڳ نه هجڻ برابر آهي۔ اهو خلا ملڪ اندر افراتفري ۽ طاقت جي نون مرڪزن جي اُڀرڻ جا امڪان وڌائي رهيو آهي۔ طالبان حڪومت تي هاڻي پاڻ افغان اڳواڻ به تنقيد ڪرڻ لڳا آهن۔جلاوطن اڳوڻي ڊپٽي پرڏيهي وزير شير محمد عباس ستانڪزئي ڇوڪرين جي تعليم تي پابنديءَ کي ”غير شرعي فيصلو“ قرار ڏنو هو، جڏهن⁠ته ڪجهه ڪمانڊرن قيادت جي مرڪزيت ۽ حقاني نيٽ ورڪ جي غلبن بابت به سوال اٿاريا آهن۔ اهي اختلاف عارضي نه پر سياسي رخ جي بحران جي علامت آهن۔ پاڪستان مان افغان مهاجرن جي واپسي هڪ وڏي انساني تباھيءَ جي صورت اختيار ڪري رهي آهي۔ اندازن مطابق لڳ ڀڳ 40 لک افغان مهاجر پاڪستان ۾ رهائش پذير آهن، جن مان تقريباً 13 لک واپس موڪليا ويا آهن۔ انهن جي اوچتي واپسي سان خوراڪ، صحت ۽ رهائش جا شديد مسئلا پيدا ٿيڻ جا امڪان آهن، جنهن سان طالبان حڪومت جي اڳ ۾ ئي ڪمزور معيشت وڌيڪ دٻاءُ هيٺ اچي ويندي۔

هي بحران خاص طور تي ڏکڻ ۽ اوڀر افغانستان، يعني پاڪستان سان لڳندڙ سرحدي علائقن ۾ وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهي ٿو۔ ان بحران جي باوجود پاڪستان سڌي قبضي جي ڪوشش نه ڪندو، ڇو⁠ته بين الاقوامي قانون، گڏيل قومون، چين ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن جو دٻاءُ ان لاءِ وڏي رڪاوٽ بڻجندو۔ البته هڪ ”نيم خودمختيار، محفوظ ۽ آبادڪاريءَ تي ٻڌل خطو“ ضرور وجود ۾ اچي سگهي ٿو، جتي امن قائم ڪرڻ، انساني امداد ۽ افغان مهاجرن جي آبادڪاريءَ جي نالي تي پاڪستان جو اثر رسوخ مضبوط ٿي سگهي ٿو۔ اها ئي صورتحال مستقبل ۾ هڪ الڳ ”جمھوري افغانستان“ جي صورت ۾ سامهون اچي سگهي ٿي. اهڙو انتظامي يونٽ، جيڪو طالبان جي ”امارت اسلامي افغانستان“ کان ڌار پنهنجي سڃاڻپ ٺاهيندو۔ ممڪن آهي ته مستقبل ۾ افغانستان جي ورهاست ڪجهه هن ريت ٿي سگهي:

اتر افغانستان: تاجڪ، ازبڪ ۽ هزارا آباديءَ جي غالبي وارو علائقو، جيڪو غير⁠طالبان سياسي اتحاد جي اثر هيٺ هوندو۔ ڏکڻ افغانستان: پاڪستان جي اثر هيٺ نيم خودمختيار، آبادڪاريءَ تي ٻڌل ”جمھوري افغانستان“۔ اهڙي ورهاست مذهبي بنيادن تي نه پر انتظامي ۽ جاگرافيائي بنيادن تي ٿيندي۔ ان ورهاست کان پوءِ عالمي سطح تي هي اثر سامهون اچي سگهن ٿا: چين پنهنجي ”بيلٽ اينڊ روڊ“ منصوبي لاءِ هڪ محفوظ راهداري چاهي ٿو۔ ايران هزارا اقليت جي تحفظ جي نالي تي پنهنجو اثر وڌائي سگهي ٿو۔ روس وچ ايشيائي ملڪن جي سلامتيءَ جي نالي تي مداخلت ڪري سگهي ٿو۔ آمريڪا ”انساني حقن“ جي نالي تي طالبان مخالف گروهن جي محدود مدد ڪري سگهي ٿو۔جڏهن ته افغانستان جي ورهاست في الحال هڪ مفروضي جي حيثيت رکي ٿي، پر زميني حقيقتون، عسڪري حرڪتون، ۽ وڌندڙ انساني بحران جو دٻاءُ هن مفروضي کي هڪ ممڪن حقيقت ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو۔ تاريخ ٻڌائي ٿي ته افغانستان ڪڏهن به مڪمل طور تي متحد نه رهيو آهي  ۽ شايد هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجن اندروني تضادن ۽ جاگرافيائي دٻاءُ جي ڪري ٻن ابتڙ حقيقتن ۾ ورهائجڻ جي ويجهو آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.