ڇاتيءَ جو ڪينسر، جيڪو هر سال 2.3 ملين کان وڌيڪ عورتن کي متاثر ڪري ٿو. سائنسي ترقي ۽ شعور ۾ واڌ جي باوجود، نتيجن ۾ فرق برقرار آهي، خاص طور تي گھڻي آمدني وارن ملڪن ۽ گھٽ آمدني وارن علائقن جي وچ ۾. ھي فرق صحت جي سهولتن تائين رسائيءَ جي برابريءَ جي ضرورت کي اجاگر ڪري ٿو ۽ ان بيماريءَ جي اثرائتي روڪٿام، سڃاڻپ ۽ علاج لاءِ خاص حڪمت عملين جي ضرورت تي زور ڏئي ٿو.
ڇاتيءَ جي ڪينسر جي بچاءَ جي شرح ۾ واضح فرق صحت جي نظام ۾ عالمي سطح تي موجود بي انصافيءَ کي چٽو ڪري ٿو. گھڻي آمدني وارن ملڪن ۾، 90 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتون جيڪي ڇاتيءَ جي ڪينسر سان متاثر ٿين ٿيون، اهي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ کان پنج سالن تائين زنده رهن ٿيون. ھي ڪاميابي خاص طور تي جديد اسڪريننگ طريقن، وقت سر تشخيصي پروگرامن، ۽ جديد علاج تائين رسائيءَ جي ڪري ممڪن ٿي آھي. ان جي ابتڙ، گھٽ آمدني وارن ملڪن ۾ عورتون فقط 40، 60 سيڪڙو جي شرح سان بچي سگھن ٿيون. ھي انگ اکر اھي تلخ حقيقتون بيان ڪن ٿا جيڪي گھٽ وسيلا رکندڙ علائقن ۾ عورتن کي درپيش آهن، جتي علاج جو خرچ، ماهر ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ اڻ پورو صحت جو ڍانچو وقت سر علاج کي ناممڪن بڻائي ٿو. ان فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ عالمي عزم ۽ جدت جي ضرورت آهي ته جيئن اسڪريننگ، شروعاتي تشخيص ۽ سستو علاج سڀني لاءِ دستياب ٿي سگھي.
ڇاتيءَ جو ڪينسر ھڪجهڙو مرض ناھي، ان ۾ مختلف قسمن جا سب ٽائيپ شامل آھن جيڪي مختلف علاج جون ضرورتون رکن ٿا. مثال طور، ٽرپل نيگيٽو ڇاتيءَ جو ڪينسر (TNBC) جيڪو ھڪ انتهائي خطرناڪ قسم جو آھي. ھارمون بيسڊ علاج لاءِ مناسب ناھي ۽ ان لاءِ جديد آپشنز جھڙوڪ ايميونوٿراپي جي ضرورت ٿئي ٿي. ڇاتيءَ جي ڪينسر جي قسمن ۾ ھن قسم جي شدت جو مطلب اھو آھي ته علاج کي مريض جي مخصوص ضرورتن مطابق ترتيب ڏيڻ تمام ضروري آهي. گھڻي آمدني وارن ملڪن ۾، پريسيجن ميڊيسن ۽ جينياتي جاچ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي علاج ۾ انقلاب آندو آهي. بهرحال، اھي ترقياتي سهولتون گھٽ وسيلن وارن علائقن ۾ اڪثر دستياب ناھن، جتي بنيادي علاج به اڻلڀ آھي. ھن فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ عالمي تعاون ضروري آھي ته جيئن گھٽ خرچ وارا تشخيصي اوزار ۽ علاج جا طريقا ترقي ڪري سگھن. تحقيق مان واضح ٿيو آهي ته شروعاتي طور تي سڃاڻپ ٿيل ڪينسر وڌيڪ ڪاميابيءَ سان علاج ٿيل آھن ۽ انھن جي بچاءَ جي شرح به تمام گھڻي آھي. پر شعور ئي ڪافي ناھي. ثقافتي رڪاوٽون، غلط معلومات ۽ بدناميءَ جو ڊپ ڪيترين عورتن کي اسڪريننگ يا علاج ڪرائڻ کان روڪي ٿو. مقامي سطح تي ڪوششون ضروري آھن ته جيئن ڪميونٽين کي تعليم ڏئي، غلط فهميون ختم ڪري ۽ ڇاتيءَ جي صحت بابت ڳالھيون ڪرڻ کي عام بڻايو وڃي.
ھڪ صحتمند زندگي گذارڻ ڇاتيءَ جي ڪينسر ٿيڻ جي خطري کي گھڻو گھٽائي سگھي ٿو. تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته شراب کان پاسو ڪرڻ، صحتمند وزن برقرار رکڻ ۽ باقاعده جسماني سرگرمي ڪرڻ سان ڇاتيءَ جي ڪينسر جو خطرو 20–30 سيڪڙو تائين گھٽائي سگھجي ٿو. مثال طور، مطالعي مان معلوم ٿيو آهي ته شراب پيئڻ ايسٽروجن ليول کي وڌائي سگھي ٿو، جيڪو ھارمون ريڪٽر-پازيٽو ڪينسر جي واڌ کي وڌائي سگھي ٿو. کاڌ خوراڪ ۽ ورزش پڻ روڪٿام ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. اھڙي غذا جيڪا ميون، سبزين، ۽ هول گرينز سان ڀرپور ھجي، مجموعي صحت کي بھتر بڻائي ٿي ۽ ھڪ صحتمند وزن برقرار رکڻ ۾ مدد ڪري ٿي. باقاعده جسماني سرگرمي نه رڳو ڪينسر جي خطري کي گھٽائي ٿي، پر ذهني صحت ۾ به بھتري آڻي ٿي، جيڪا ڪينسر جي مريضن ۽ بچندڙن لاءِ اڪثر اھم مسئلو ھوندي آھي.ڇاتيءَ جو ڪينسر صرف طبي مسئلو ناھي؛ اھو ھڪ سماجي چئلينج آھي جيڪو گڏيل عمل جي ضرورت ٿو رکي. اسان گڏجي ھڪ اھڙي دنيا ٺاھي سگھون ٿا جتي ھر عورت کي، ان جي رھائش واري جاءِ کان سواءِ، ڇاتيءَ جي ڪينسر کان بچڻ ۽ صحتمند زندگي گذارڻ جو موقعو ملي.