ڏياري ــ روشني، محبت ۽ اميد جو ميلو

تحرير: اياز کهاوڙ

ڏياري نه رڳو هڪ مذهبي ڏينهن آهي، پر اها انسانيت، ڀائيچاري ۽ اميد جي روشنيءَ جو عظيم پيغام آهي۔ ڏياري اصل ۾ ان لمحي جي ياد آهي جڏهن سچائيءَ جي قوت، اونداهه تي فتح حاصل ڪئي هئي۔ اهو ڏينهن رڳو ڏيئا ٻارڻ جو ناهي، پر اندر جي اونداهي ختم ڪرڻ، نفرت کي مٽائي محبت کي وڌائڻ جو ڏينهن آهي۔ سنڌ، جيڪا هميشه امن، محبت ۽ گڏيل ثقافتن جي ڌرتي رهي آهي، اڄ به ڏياري جي آمد تي روشن ٿي وڃي ٿي۔ هتي جي هندن جا گهر ڏيئن ۽ گلابن  جي خوشبوئن سان مهڪندا آهن، پر ساڳي وقت مسلمان، سک ۽ ٻيا پاڙيسري دوست به سندن خوشيءَ ۾ شامل ٿين ٿا۔

 اهو نظارو سنڌ جي اصل سڃاڻپ آهي، جتي مذهب کان اڳ انسانيت کي اهميت ڏني وڃي ٿي۔ ڏياريءَ جا ڏينهن اصل ۾ خوشيءَ جي موسم آڻين ٿا۔ ٻار نوان ڪپڙا پائين ٿا، مٺايون تيار ٿين ٿيون، دوست ۽ پاڙيسري هڪ ٻئي سان تحفا ڏئي  محبتون ورهائين ٿا۔ شهرن کان ڳوٺن تائين، هر طرف روشني ۽ رنگ ئي رنگ نظر اچن ٿا۔ مارڪيٽون، گهوڙا گاڏيون ۽ دڪان به روشن ٿي وڃن ٿا، جيئن ته هر ڪنڊ ڪڙڇ مان اميد جا ڏيئا ٻري رهيا هجن، پر ڏياريءَ جو اصل پيغام ظاهري خوشين کان وڌيڪ اندروني پاڪيزگيءَ سان جڙيل آهي۔ ڏياري اسان کي سيکاري ٿي ته جيئن هر ماڻهو پنهنجي دل جي اونداهي کي روشنيءَ ۾ تبديل ڪري۔ جيڪڏهن ڪنهن جي دل ۾ نفرت، حسد، يا بدگمانيءَ جو انڌارو آهي ته ڏياريءَ جو پيغام اهو آهي ته ان کي معافي، محبت ۽ همدرديءَ جي اجالي سان ڀري ڇڏجي سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙا بيشمار مثال آهن جتي هندن ۽ مسلمانن گڏجي ڏياري ملهائي آهي۔ ڪيترن ڳوٺن ۾ مسلمان ٻار هندن سان گڏ ڏيئا ٻارين ٿا، جڏهن ته هندن پنهنجن مسلمان پاڙيسرين کي مٺايون موڪلين ٿا۔ اهو ئي سنڌيت جو حقيقي روح آهي.

اڄ جڏهن دنيا ۾ نفرت، انتهاپسندي ۽ تڪرار وڌي رهيا آهن، تڏهن ڏياري جهڙا ڏينهن اسان کي ياد ڏيارين ٿا ته روشني ڪڏهن به اونداهيءَ کان نه ٿي هارائي۔ اهو ڏينهن ٻڌائي ٿو ته جيستائين انسان جي اندر اميد جو هڪ ڏيئو ٻرندو رهندو، تيستائين دنيا ۾ انسانيت زندهه رهندي۔ ڏياريءَ جي وقت جڏهن ٻار خوشيون ملهائين ٿا، عورتون گهر سجاين ٿيون، مرد دوستن سان گڏ تحفا وٺن ٿا، تڏهن اهو منظر رڳو هڪ مذهبي رسم ناهي، پر زندگيءَ جي خوبصورتيءَ جو اظهار آهي۔ اهو احساس ته هر رات کان پوءِ صبح ضرور ٿيندي، هر ڏک کان پوءِ سک ضرور ايندو ۽ هر اونداهيءَ کان پوءِ اجالو ضرور پکڙندو۔ سنڌ ۾ ڏياري هميشه گڏيل محبت جو پيغام کڻي ايندي آهي۔ اهو ڏينهن اسان کي سيکاري ٿو ته جيستائين اسين هڪ ٻئي سان همدردي ۽ محبت ڪندا رهنداسين، تيستائين  اسان کي دنيا جي ڪا به طاقت شڪست ڏئي نٿي سگهي. ڏياري رڳو هندن لاءِ نه، پر هر ان شخص لاءِ آهي جيڪو روشنيءَ، امن ۽ محبت تي يقين رکي ٿو۔ اچو ته هن ڏياريءَ تي اسين سڀ اهو عهد ڪريون ته جيئن ڏيئن جو اجالو هر گهر ۾ پکڙجي، تيئن اسان جي دلين مان نفرت ۽ تڪرار ختم ٿي وڃي۔ اچو ته پنهنجي سماج ۾ اها ڏياري ملهائيون جيڪا دلين ۾ روشني ڀري ۽ هر ماڻهوءَ کي انسانيت جي معنيٰ سيکاري۔

ڏياريءَ جو اصل پيغام ظاهري خوشين کان وڌيڪ اندروني پاڪيزگيءَ سان جڙيل آهي۔ ڏياري اسان کي سيکاري ٿي ته جيئن هر ماڻهو پنهنجي دل جي اونداهي کي روشنيءَ ۾ تبديل ڪري۔ جيڪڏهن ڪنهن جي دل ۾ نفرت، حسد، يا بدگمانيءَ جو انڌارو آهي ته ڏياريءَ جو پيغام اهو آهي ته ان کي معافي، محبت ۽ همدرديءَ جي اجالي سان ڀري ڇڏجي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.