عام طور تي حڪومتن جو ڪم عوام کي سهولتون ڏيڻ هوندو آهي پر اسان جون ملڪي حڪومتون وري مليل سهولتون کسڻ جون ماهر هونديون آهن. سنڌ ۾ ئي ڏسجي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي جناح اسپتال جي دل جي شعبي جي پلاٽ تي قائم ٿيل ميڊيڪل اسٽورن جي مارڪيٽ، دڪان ۽ هوٽل سڀ بلڊوز ڪيا ويا آهن. جنهن سبب جناح اسپتال ۾ داخل مريضن کي تڙ تڪڙ ۾ اسٽورن تان دوائون ملڻ يا مريضن جي اٽينڊس کي دڪانن تان کاڌي پيتي جون شيون وٺڻ يا هوٽلن تي ماني کائڻ ، چانهه پيئڻ موبائيلن ۾ بيلنس وجهرائڻ جون سڀ سهولتون هڪدم ختم ڪيون ويون آهن. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن ميڊيڪل اسٽورن جي اها مارڪيٽ، دڪان، هوٽل وغيره اسپتال جي پلاٽ تي غير قانوني طور تي ٺهيل هيا ته اهي ٺهڻ ئي ڇو ڏنا ويا هيا. تڏهن اسپتال انتظاميا يا حڪومت ڪٿي هئي؟ تڏهن ئي غير قانوني طور تي اتي ڇو اهي ميڊيڪل اسٽور، دڪان ۽ هوٽل ٺاهڻ ڏنا ويا.
اهڙو رويو صرف هن معاملي سان لاڳو ناهي پر اهو لاڙو هتي عام رهيو آهي. هتي غير قانوني طور تي ڪالونيون ۽ آباديون ٺهڻ ڏنيون ويون، پاڻي جي نالن تي قبضا ڪرڻ ۽ اتي سوسائٽيون قائم ڪرڻ ڏنيون ويون، ڳوٺ آباد ڪرايا ويا پوءِ جڏهن ڪير عدالت ۾وڃي ٿو ۽ عدالت قبضا ختم ڪرڻ، ڪالونيون ۽ آباديون بلڊوز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿي ته پوءِ حڪومتي مشنيري به حرڪت ۾ اچي وڃي ٿي ۽ پوءِ اها انساني الميي ۽ عوام جي نقصان کي ناهي ڏسندي.
سو ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته پهريون ڪنهن به جڳهه تي غير قانوني طور تي ڪا اڏاوت، ڪا ڪالوني يا ڪو ڳوٺ ٺاهڻ ئي نه ڏنو وڃي پر جيڪڏهن ڪا مارڪيٽ، ڪو ڳوٺ يا ڪا ڪالوني اڏجي وڃي ته پوءِ ان کي عوام جي سهولت سمجهي ان کي قانوني شڪل ڏئي ڇڏجي يا انهن کي ڪو متبادل ڏئي ڪري اتي سيٽ ڪري پوءِ کين اٿارجي يا انهن جڳهن کي بلڊوز ڪجي. ڇاڪاڻ ته آخري ڏوهه حڪومت، مقامي ضلعي انتظاميا جو هوندو آهي ته انهن غير قانوني اڏاوتون، ڪالونيون، مارڪيٽون يا ڳوٺ وغيره غير قانوني طور ٺاهڻ ئي ڇو ڏنا. تنهن ڪري پهرين وڏي سزا ان دور جي حڪومت ۽ مقامي انتظاميا جي ملوث عملدارن کي ڏيڻ گهرجي جن يقينن وڏي يا ننڍي سطح تي ڪميشن ۽ رشوت وٺي اهو غير قانوني ڪم ڪرڻ ڏنو. ان ڏس ۾ مٿن اها سزا لاڳو ٿيڻ گهرجي ته اهي انهن ماڻهن کي متبادل انتظام ڪري ڏين. مثال طور جناح اسپتال جي پلاٽ تي جن ڌرين غير قانوني طور تي ميڊيڪل اسٽور، دڪان ۽ هوٽل قائم ٿيڻ ڏنا ۽ پوءِ اهي عوام جي وڏي سهولت بڻجي ويا ته اهي بلڊوز ڪرڻ کان اڳ متبادل طور ڪنهن ٻئي هنڌ کين ٺاهي ڏنا وڃن ها پوءِ ڀلي بلڊوز ڪجن ها.
پر هتي عوام جي سهولتن جو ناهي سوچيو ويندو پر هتي عوام کان صرف ۽ صرف سهولتون کسڻ جو رواج رهيو آهي. توهان ايئن بلڪل نه سمجهو ته غير قانوني پلاٽن تي اهي اڏاوتون، دڪان هوٽل يا ميڊيڪل اسٽور جي مارڪيٽ ڪا عوام کي سهولت ڏيڻ لاءِ قائم ڪرائي وئي هئي. ان جو مقصد صرف ۽ صرف پيسا ڪمائڻ، ڪميشن وٺڻ ۽ رشوت جي وهنوار کي قائم ڪرڻ جو مقصد هو ۽ جڏهن اهو مقصد ختم ٿيو ته ”ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“ وانگي عوام کي ۽ ان جي سهولت کي دربدر ڪيو ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ عوام جي نالي ۾ کانئن ووٽ وٺي صرف حڪومتون ڪيون وينديون آهن پر عوام جي سهولتن لاءِ ڪم ناهي ڪيو ويندو.جيڪڏهن حڪومت جي دل ۾ عوام جو درد هجي ها ۽ اها حڪومت پنهنجي روح ۾ مڪمل طور عوامي حڪومت هجي ها ته اها ائين هڪدم جناح اسپتال جي مريضن ۽ ڏورانهين علائقن کان آيل اٽينڊس کان اها سهولت نه کسي سگهي ها پر ان مارڪيٽ کي بلڊوز ڪرڻ کان اڳ ساڳي علائقي ۾کين ٻي مارڪيٽ متبادل طور ٺاهي ڏي ها يا زمين جو اهو ٽڪرو جتي اها مارڪيٽ ٺهيل هئي، اهو زميني ٽڪرو اسپتال کان خريد ڪري حڪومت پاڻ ان مارڪيٽ جو انتظام هلائي ها ته جيئن عوام کان اها سهولت نه کسجي سگهي پر ايئن سوچڻ ان حقيقي عوامي حڪومت جو فرض هوندو جنهن جي دل عوامي هوندي آهي.
سو ڏٺو اهو ويو آهي ته اسان جي ملڪ جون حڪومتون عوام کي سهولتون ڏيڻ بدران اهي کسڻ ۾ وڌيڪ ڦڙت هونديون آهن. روڊ ڀڃڻ، عمارتون، ڳوٺ ۽ ڪالونيون بلڊوز ڪرڻ جو معاملو هجي ته 24 ڪلاڪن اندر اوهان کي زمين پٽ ڪري ڏيندا پر جيڪڏهن اتي تعمير ڪرڻي هوندي ته اهو ڪم چوويهن سالن ۾ به نه ڪري سگهندا. ٻيو اسان اهو به ڏسندا آهيون ته جيڪڏهن ڪنهن پبلڪ پارڪ ۾ سيڪيورٽي ليپس سبب ڪو ناگوار واقعو، فائرنگ يا ڌماڪو ٿيندو ته اها پارڪ ئي سيل ڪري ڇڏيندا، سمنڊ ۾ وهنجندي ٻڏڻ جو واقعو ٿيندو ته سمنڊ ڏانهن وڃڻ تي پابندي هڻندا، مهين جي دڙي جي آثارن جي لتاڙ کي روڪڻ جي شڪايت ڪبي ته مهين جي دڙي جي مئن گيٽ کي ئي تالو لڳائي ڇڏيندا مطلب ته پنهنجي ڪارڪردگي بهتر نه ڪندا پر اٽي ۾ لوڻ برابر جيڪا عوام کي سهولت مليل هوندي سا ئي کسي ڇڏيندا تنهن ڪري ئي هن ايڊيٽوريل جو اسان عنوان رکيو آهي ته ”عوام کان سهولتون کسڻ ڪير اسان جي حڪومتن کان سکي!“