سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪنري واسي شاگرد گم

ڄامشورو(رپورٽ: راجا انور چانڊيو) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پولٽيڪل سائنسز شعبي ۾ پڙهندڙ ڪنري واسي شاگرد پراسرار نموني گم ٿي ويو،مليل ڄاڻ موجب ڪجھه ڏينهن اڳ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي پولٽيڪل سائسنز ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهندڙ ٽئين سال جو ڪنري واسي شاگرد رحمت الله چانڊيو 4 دوست شاگردن سان گڏ هاسٽل کان ڄامشورو ڦاٽڪ تي وڃڻ بعد پرسرار نموني گم ٿي ويو، جنهن جي مختلف شهرن ۽ درگاهن تي ڳولا باوجود پتو نه پئجي سگهيو، شاگرد جي چاچي غلام قادر چانڊيو جي فرياد تي اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو،  فريادي ڄاڻايو ته رحمت الله جو ڪجهھ ڏينهن کان رابطو ڪٽجي ويو ته ڄامشورو ۾ اچي جاچ ڪئي پر هو هاسٽل ۾ به نه هو جنهن بعد سي سي ٽي وي ڪئمرا ذريعي خبر پئي ته هو ساٿي شاگردن سان گڏجي موٽر سائيڪل تي سوار ٿي ڄامشورو ڦاٽڪ تي پهتو ته واپس نه ٿيو ۽ سندس ساٿي شاگرد به وڌيڪ ڪجھه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهن، اسان کي شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي، عوامي آواز طرفان رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او بي سيڪشن ڄامشورو سجاد جمالي ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي جي سي سي ٽي وي ڦٽيجز ذريعي خبر پئي ته رحمت الله چانڊيو جي ڪلاس فيلوز کي هٿ ڪري انهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي جن ٻڌايو ته رحمت الله ذهني توازن وڃائي چڪو هو جيڪو اسان کي قلندر وٺي هلڻ تي ضد ڪري رهيو هو پر اسان کيس ڄامشورو ڦاٽڪ تي ڇڏيو جتان ڪيڏانهن ويو ڪا به خبر  ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.