مهمان پاڻ ئي شاهد ۽ دستخط ڪندڙ بڻيا، پاڻ ئي هڪ ٻئي کي واڌايون ڏنيون. 1993ع جي اوسلو معاهدي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ فلسطيني رياست جي قيام جو ڪو سراب ته هو، پر شرمالشيخ ۾ ته سواءِ ڌمڪي جهڙي واري ۽ خيالي پاڻيءَ جي ٻيو ڪجهه به نظر نه ٿو اچي. صدر ٽرمپ واشنگٽن مان سڌو مصر اچڻ بدران تلابيب جي بن گوريان ايئرپورٽ تي لٿا. يروشلم ۾ اسرائيلي پارليامينٽ (ڪنيسٽ) سان خطاب ڪيو. اسرائيلي صدر هنن لاءِ اعليٰ ترين سول تمغو اسرائيل ميڊل ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ٽرمپ پنهنجي تقرير ۾ نيتنياهو جي بهادري، ثابت قدمي ۽ جوانمردي جي ساراهه ڪئي. ٽرمپ چيو ته نيتنياهو ڏکين ڪمن کي پسند ڪندڙ ماڻهو آهي ۽ اها خوبي ئي کين عظيم اڳواڻ بڻائي ٿي. آمريڪا دنيا جا بهترين هٿيار ٺاهيندو آهي، ۽ اهي هٿيار اسين اسرائيل کي ڏنا آهن. نيتنياهو اڪثر چوندو هو ته مون کي اهي هٿيار به گهرجن، اهي به. ڪي اهڙا هٿيار به جن جي باري ۾ مون کي به خبر نه هئي ته اهي اسين ٺاهيا آهن. (آمريڪا ٻن سالن ۾ غزه کي تباهه ڪرڻ لاءِ هڪويهه ارب ڊالر جا هٿيار فراهم ڪيا). ٽرمپ چيو ته جنگ کي لڳاتار جاري رکڻ بدران هو هن جنگ ۾ فتح تي نيتنياهو کي مبارڪباد ڏئي ٿو. تاريخ هنن کي انهيءَ سبب ياد رکندي، پر اسرائيل کي عالمي راءِ عامه جو به خيال رکڻو پوندو. جنگبندي جي نتيجي ۾ دنيا اسرائيل کي وڌيڪ اهميت ڏيندي.
اسرائيلي پارليامينٽ سان خطاب ۾ ٽرمپ غزه جي بربادي جو ذڪر نه ڪيو، بلڪه فلسطيني ماڻهن کي نصيحت ڪئي ته هاڻي هو استحڪام، سلامتي ۽ معاشي ترقيءَ تي ڌيان ڏين. تشدد ۽ دهشتگرديءَ جي راهه ڇڏڻ جو اهو سنهري موقعو آهي. هو پنهنجي وچ ۾ نفرت پکيڙيندڙن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪن. ٽرمپ چيو ته فلسطيني جيڪي اسرائيل کان شڪايتون رکن ٿا، انهن جو سبب اسرائيل جو مادي قبضو نه آهي، پر سندن اندر پلجندڙ نفرت آهي. ايتري تباهي ۽ سختين کان پوءِ هاڻي انهن کي اسرائيل سان وڙهڻ بدران پنهنجي ٻيهر تعمير تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. سڄي تقرير ۾ ٻه رياستي حل (Two-State Solution) لاءِ هڪ جملو به نه هو. لڳي ٿو ته جيئن امن معاهدي جو مسودو نيتنياهو جي آفيس ۾ تيار ٿيو، تيئن ٽرمپ جي تقرير جو مسودو به اتي لکيو ويو هو. ٽرمپ اسرائيلي صدر کي چيو ته نيتنياهو ايترو وڏو انسان آهي جو توهان مٿس هلندڙ بدعنوانيءَ جا ڪيس ختم ڪري کيس صدارتي معافي ڏيو. ان تي ڪنيسٽ ۾ نيتنياهو جي حامين ميزون وڄائي وڄائي هٿ لال ڪري ڇڏيا. شايد تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ڪنهن ملڪ جو صدر ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي، اتي جي وزيراعظم کي زيرِسماعت مقدمن ۾ معاف ڪرڻ جي درخواست ڪري.
نيتن ياهو استقباليه تقرير ۾ ٽرمپ کي اسرائيل-آمريڪا لاڳاپن جي تاريخ جو سڀ کان وڏو محسنِ اسرائيل قرار ڏنو. اهڙي واھ واھ ۾ ڀريل ٽرمپ شرمالشيخ پهتو، جتي هن انهيءَ معاهدي تي دستخط جي تقريب جي صدارت ڪئي، جنهن جو آخري مسودو نيتنياهو، ٽرمپ جي داماد جيرارڊ ڪشنر، ۽ صدارتي صلاحڪار اسٽيو وٽڪوف گڏجي تيار ڪيو هو. ان کي فلسطيني ۽ سڄي امتِ مسلمه جي اڳيان رکي ڇڏيو غزه جي امن بورڊ جو سربراهه پاڻ ٽرمپ ٿيندو. غزه جو وائسراءِ ٽوني بليئر هوندو. چار پنج مسلم ملڪن جا فوجي دستا هن بورڊ جي هيٺان غزه ۾ امن ۽ شانتي قائم رکندا، جيستائين فلسطيني انتظاميا حماس کان پاڪ غزه هلائڻ جي قابل نه ٿي وڃي.
برطانيا کي اڄ کان هڪ سئو پندرهن سال اڳ به ليگ آف نيشنز فلسطيني امانت سونپي هئي، ۽ ان ئي هٿن سان اسرائيل پيدا ٿيو. هاڻي وري هڪ اڳوڻو برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر امن ۽ ٽياڪڙي لاءِ چونڊجڻ واري ڳالھ هلندي پئي ٻڌجي. اهو ساڳيو ٽوني بليئر آهي جنهن ٻه ڏهاڪا اڳ صدر بش جونيئر سان گڏ صدام حسين جي هٿيار خاني مان وسيع تباهيءَ وارا خيالي هٿيار نڪتل هجڻ جو ڊرامو ڪيو هو. انهن خيالي هٿيارن کي تباهه ڪرڻ جي نالي تي اڌ لک عراقي ماريا ويا، پر ڪنهن به بينالاقوامي عدالت کي انصاف لاءِ حرڪت ۾ اچڻ جو خيال به نه آيو.
جيرلڊ فورڊ، جمي ڪارٽر، رونالڊ ريگن، جارج بش، بل ڪلنٽن، بش جونيئر ۽ بارڪ اوباما تائين گذريل پنجاهه سالن ۾ ڪهڙو آمريڪي صدر گذريو آهي جنهن هر ڀيري نئون معاهدو ڪرائيندي اهو نه چيو هجي ته اڄ نئون مشرقِ وسطىٰ اڀرڻ وارو آهي. ٽرمپ به يروشلم ۽ شرمالشيخ ۾ اهڙي ئي دعويٰ ڪئي ته هو نئين پرامن ۽ خوشحال مشرقِ وسطىٰ جي بنياد رکي رهيو آهي. ان جو سادو مطلب اهو آهي ته اهڙو مشرقِ وسطىٰ جيڪو اسرائيل ۽ آمريڪا جي هر منصوبي تي آمنا و صدقنا چئي، جيڪو ملي، تنهن تي صبر ڪري، ۽ جنهن ۾ ڪو به ملڪ اهڙو نه رهي جيڪو اسرائيل جي فوجي بالادستي کي ڪنهن به صورت ۾ چئلينج ڪري سگهي.
ٽرمپ جي چوڻ موجب هاڻوڪو معاهدو مشرقِ وسطىٰ ۾ جامع امن جي بنياد آهي. پر شرمالشيخ ۾ موجود اوڀر ۽ اولهه جي هر وڏي ۽ ننڍي ماڻهو جي دل ۾ اهو سوال هو ته جڏهن ڪنهن به معاهدي ۾ هڪ آزاد ۽ خودمختار فلسطيني رياست جو امڪان به نه هجي ته اهو پائيدار ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ ۽ ڪيتري دير لاءِ؟ اهو معاهدو ته تڏهن ئي قائم رهي سگهي ٿو جڏهن اسرائيل گهٽ ۾ گهٽ ڏکڻ لبنان ۽ شام جي تازو قبضي ڪيل علائقن تان واپس وڃي. پر مغربي ڪناري تي جاري يهودي وسندين جي اڏاوت ڪير روڪيندو؟ معاهدي ۾ ته اهو به واضح ناهي ته اسرائيل جيڪو هن وقت ٽريپن سيڪڙو غزه تي قابض آهي، اهو ڪڏهن مڪمل نڪري ويندو؟ ۽ اهو ته اڃا کان وٺي اسرائيل غزه ۾ هر روز سراسري طور اٺ کان ڏهه لاش ڏنا پيا وڃن. شرمالشيخ شايد ان ڪري ياد رهندو، جيئن رحمان فارس چيو
کہانی ختم ہوئی اور ایسی ختم ہوئی
کہ لوگ رونے لگے تالیاں بجاتے ہوئے