ڳوٺ بگيءَ تي نالو ڪيئن پيو

حاڪم منگي

بگيءَ جي نالي بابت ٻه ڪھاڻيون آھن.

① ھڪ بگي / ڀوري رنگ جي عورت ھئي ، جنھنڪري اها نه رڳو ڳوٺ م نمايان ھئي پر ڀرپاسي جي ڳوٺن م پڻ انجي ڀوري رنگ جو چرچو ھو ۽ ٻين ڳوٺن جا ماڻھو جڏھن ھِنَ ڳوٺ اچڻا ھوندا ھئا ته چوندا ھئا ته ” بگيءَ جي ڳوٺ ٿا وڃون” ايئن” بگيء”َ جو ڳوٺ ” بگي ڳوٺ” بڻجي ويو.

② جيئن ته ڳوٺ گھڻو پراڻو آھي، سنڌو درياء کي اڃا بند نه ٻڌا ويا ھا.بگي ڀرسان هاڻوڪو  ڦٽل نارو اڳ۾ وھندو ھو، وڻج واپار ۽ آمد و رفت لاءِ به اھو ئي ذريعو ھو. تڏھن سنڌو درياء م چاڙھ سبب اسانجو ڳوٺ به متاثر ٿيندو ھو. تنھن زماني ۾ ڳوٺ جي ڀر م ھڪ وڏو مٽيءَ جو دڙو ھو. جتي ڌنار مال کي چاريندي چاريندي وڃي پنھنجو مال اتي جھليندا ھا.  انھن ڏينھن ۾ ھندو جات جا ماڻھو به جھجھي تعداد م ڳوٺ م رھندا ھا. ھندن جي ” بگي”  ڍڳي / ڳئون ھوندي ھئي.  ھندو ڳئون کي ماتا جو درجو ڏيندا آھن ان مقدس سمجھندا آھن.

ھڪ ڀيري تمام گھڻو مينھن اُٺو،  جھر جھنگ رڳو پاڻي ٿي ويو. ڌنارن پنھنجو مال ڪاھي وڃي اُن مٿاھين دڙي تي جھليو. مينھن وسڻ سبب ان دڙي تي ھڪ ھنڌ ڌٻڻ پيدا ٿي پئي، جنھن م اُھا بگي مقدس ڳئون ڦاسي پئي. تمام وڏين ڪوششن سان اھا ان ڌٻڻ مان نڪري سگھي. پوءِ ان دڙي جو نالو ئي پئجي ويو ” بگيءَ وارو دڙو. پوءِ ھڪ دفعي زبردست ٻوڏ آئي، ڳوٺ به ٻڏي ويو. ماڻھو پنھنجا گھرڙا خالي ڪري اچي ان ” بگي جي دڙي” تي ويٺا. تڏھن کان ڳوٺ جو نالو بگي ڳوٺ پئجي ويو. ٽ: مون بگيءَ جي ڪجهه جھونڙن مثال طور درمحمد منگي ( منھنجو نانو) ، حاجي محمد بچل ابڙو، ڪاڪو ٽوھ ٿھيم، غلام حيدر ابڙو، استاد گل فقير، مولابخش ابڙو  سان ڪچھريون ڪيون. جن بگي ڳوٺ جي متعلق مٿيون ڪھاڻيون بيان ڪيون،  اوھان آڏو رکيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.