موجوده ڊجيٽل دور ، والدين ۽ ٻارن لاءِ امتحان آهي

سيما عباسي

اڄ جو دور انساني تاريخ جو سڀ کان تيز رفتار ۽ پيچيده دور آھي. ٽيڪنالاجي، معلومات ۽ رابطا ھاڻي زندگيءَ جي رڳ رڳ ۾ سمايل آھن. انساني لاڳاپا، فڪر، ذوق، علم، ۽ تربيت جا سڀ پُراڻا طريقا بدلجي ويا آھن. ھن ڊجيٽل دنيا ۾، جتي اسڪرين روشنيءَ جي صورت ۾ هر اک اڳيان موجود آھي، اتي انسانيت جي اصل روشني يعني محبت، اخلاص، ۽ ذميواريءَ کي قائم رکڻ ھڪ وڏو امتحان بڻجي چڪو آھي.

اڄ جي والدين لاءِ سڀ کان وڏو چيلينج اھو آھي ته هو نه صرف پنهنجي ٻارن کي جديد دنيا جي گهرجن سان هم آهنگ ڪن، پر ساڳئي وقت انهن جي ، اخلاقي ۽ سماجي نفسياتي توازن کي به محفوظ رکن. ماضيءَ ۾ تربيت گهڻو ڪري گڏيل خاندان، پاڙي، ۽ اسڪول جي ماحول سان ٿيندي هئي پر هاڻي اهو سڀ ڪجهه هڪ اسڪرين ۾ محدود ٿي ويو آهي، جتي دوستي به رواجي ٿي چڪي آهي ۽ احساس به لفظن جي زينت تائين محدود ويو آهي. اهڙي ماحول ۾ والدين جو ڪردار صرف نگران نه، پر رهنما، دوست، ۽ فڪر جو معمار بڻجي چڪو آهي.

والدين کي گهرجي ته هو پنهنجي ٻارن سان ”وقت“ گذارين، نه فقط ”پئسو“. ڇاڪاڻ ته ڊجيٽل دنيا جو سڀ کان وڏو نقصان اهو آهي ته اهو دلين جي وابستگين کي رنڊڪ وجهي ٿو. ٻار جڏهن والدين کان پري ٿي سمارٽ فون، ليپ ٽاپ جي دنيا ۾ گم ٿي وڃي ٿو، تڏهن اصل ۾ هو تعليم” نه، پر اطلاعات جي  ڪنھن گهاٽي ۽ گهري اڻ کٽ دنيا ۾ ڀٽڪي رهيو هوندو آھي. والدين کي گهرجي ته هو ٻارن کي صرف ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ نه سيکارين، پر ان سان “سوچڻ” به سيکارين. يعني، علم کي ڄاڻ ۾، ۽ ڄاڻ کي بصيرت ۾ بدلائڻ جو فن پڻ سيکارين.

ھن سلسلي ۾ ھي به ذھن نشين ڪرڻ گھرجي  ته ٻارن جو موبائيل فون جو حد کان وڌيڪ استعمال  صحت ۽ سماج لاءِ خطري کان گھٽ نه آھي

اڄ جو دور ٽيڪنالاجي جو دور آهي، جتي موبائيل فون روزمرهه جي زندگي جو اهم حصو بڻجي ويو آهي. پر جڏهن ٻار سڄو ڏينهن بنا ڪنٽرول جي موبائيل استعمال ڪن ٿا، تڏهن اها عادت نه رڳو انهن جي صحت، پر والدين ۽ سماج لاءِ به وڏي پريشاني جو سبب بڻجي ٿي.

موبائيل جو حد کان وڌيڪ استعمال ٻارن جي نظر، ذهن، ۽ ننڊ تي منفي اثر وجهي ٿو. ٻار جسماني سرگرمين کان پري ٿي وڃن ٿا، نتيجي ۾ انهن ۾ ٿڪاوٽ، چڙچڙاپڻ ۽ ذهني دٻاءُ پيدا ٿئي ٿو. گڏوگڏ، موبائيل تي گهڻو وقت گذارڻ سبب ٻار پڙهائي کان به لاپرواهه ٿي وڃن ٿا ۽ حقيقي سماجي لاڳاپا ڪمزور ٿي وڃن ٿا.

والدين لاءِ به اها صورتحال فڪرمندي جو سبب آهي، ڇو ته موبائيل جو غلط استعمال ٻارن جي اخلاقي تربيت، مزاج ۽ مستقبل تي ڊگهو ۽ برو اثر وجهي ٿو. سماج ۾ به اهڙي نسل جي پرورش خطري جو باعث بڻجي سگهجي ٿي جيڪا حقيقي زندگي کان ڪٽي ورچوئل دنيا ۾ رهڻ لڳي ٿي. انهيءَ ڪري والدين لاءِ ضروري آهي ته هو ٻارن جي موبائيل استعمال تي نظر رکن، وقت جي پابندي مقرر ڪن، ۽ کين صحتمند سرگرمين ڏانهن راغب ڪن، جيئن سندن جسم، ذهن ۽ روح متوازن ترقي ڪري سگهي.

ٻارن لاءِ به لازمي آهي ته هو والدين جي محنت ۽ سندن سوچ کي سمجهن. هي ڊجيٽل دنيا انهن لاءِ موقعن سان ڀريل آهي، پر هر موقعو فريب سان گڏ اچي ٿو. والدين جي نصيحت، تجربو، ۽ دعائون اڃا تائين ڄڻ سڀ کان وڏو “سافٽ ويئر اپڊيٽ” آهن، جيڪي زندگيءَ جي سسٽم کي وائرس کان محفوظ رکن ٿا. نوجوان نسل کي گهرجي ته هو پنهنجي والدين کي پراڻي خيال جا نه، پر ”اصلي خيال جا محافظ“ سمجهي.

سماج جي سطح تي، اسان سڀني جي به اها ذميواري آهي ته نئين نسل لاءِ اهڙو ماحول پيدا ڪيون، جتي ٽيڪنالاجي انساني قدمن کي تيز ڪري، پر دلين کي ٿڌو نه ڪري. اسڪول، ڪاليج، ۽ تعليمي ادارا صرف ڪتابي علم جا نه، پر اخلاقي تربيت جا مرڪز بڻجن. فلاسافي طور تي ڏسجي ته انسان جي ترقيءَ جو مقصد مادي تسخير نه، پر معنوي تڪميل آهي. ڊجيٽل شعور کي روحاني شعور سان گڏ رکڻ ئي حقيقي ترقي آهي. نتيجي طور، ڊجيٽل دور والدين ۽ ٻارن ٻنهي لاءِ امتحان به آهي ۽ انعام به. جيڪڏهن والدين محبت سان رهنمائي ڪن، ۽ ٻار ادب سان ٻڌن، ته هي دور انساني فڪر جو نئون صبح بڻجي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن اسڪرينن جي وچ ۾ خاموشيون وڌنديون وينديون، ته پوءِ “جدت” جي هن روشنيءَ ۾ “انساني گرمي” جو سج لھي ويندو. اصل ڳالهه اها آهي ته ڊجيٽل تربيت جو مطلب صرف ڊوائيس هلائڻ نه، پر ضمير جون روشنيون برقرار رکڻ هئڻ گهرجي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.