سنڌ حڪومت وفاق کي ترقياتي منصوبن جي تحفظات کان آگاهه ڪيو آهي:بلاول

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪارساز سانحو دهشتگردي جو وڏو واقعو هو، بينظير ڀٽو جو قتل ملڪ ۽ وفاق جي خلاف سازش هئي. بلاول ڀٽو زرداري ڪارساز  سانحي جي 18 هين ورسي جي موقعي تي شاهراهه فيصل تي شهيدن جي يادگار جو دورو ڪيو، گل رکيا ۽ شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پي پي پي سنڌ جو صدر نثار کهڙو، سينيٽر وقار مهدي، شرجيل ميمڻ، سعيد غني، ناصر شاهه، مرتضيٰ وهاب، رئوف ناگوري ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.هن چيو ته  سنڌ حڪومت وفاق کي ترقياتي منصوبن جي تحفظات کان آگاهه ڪيو آهي، جڏهن ڪراچي لاءِ ڪم ڪيو ويندو ته اسان کي خوشي ٿيندي،ڪراچي جي ترقياتي منصوبي تي وفاق سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. جيڪو به ترقياتي ڪم ڪيو ويندو آهي اهو 18 ھين ترميم جي مطابق هوندو آهي. هن چيو ته ڪارساز سانحو دهشتگردي جو هڪ وڏو واقعو هو، بينظير ڀٽو جو قتل ملڪ ۽ وفاق خلاف سازش هئي، پيپلز پارٽي اڄ تائين بي بي جي مشن سان اڳتي وڌي رهي آهي، اسان پنهنجي اڳواڻن جي ويزن مطابق پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪندي رھندي. هن چيو ته بينظير ڀٽو 18 آڪٽوبر 2007 تي گهر واپس آئي، شهيد بي بي غريب عوام جي آواز هئي، ڪارساز ۾ بينظير ڀٽو جي قافلي تي خودڪش حملو ٿيو، ڪارڪن شهيد ٿيا، بينظير ڀٽو دهشتگردن ۽ انتها پسندن کان نه ڊڄندي هئي، بينظير ڀٽو پنهنجي جدوجهد جاري رکي. هن چيو ته بينظير ڀٽو 27 ڊسمبر 2007 تي شهيد ٿي، بينظير ڀٽو دهشتگردن سان مقابلو ڪيو ۽ شهادت قبول ڪئي، پيپلز پارٽي اڃا تائين شهيد بينظير ڀٽو جي فلسفي، مشن ۽ جدوجهد سان اڳتي وڌي رهي آهي. هن چيو ته اسان جا پاڙيسري ملڪ سان لاڳاپا سٺا نه آهن ۽ هڪ سلسلو جاري آهي، پيپلز پارٽي هن صورتحال تي نظر رکي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ ڪيترائي وڏا واقعا ٿيا آهن، جيڪي قومي الميا آهن. 18 آڪٽوبر تي ڪارساز واقعو ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو دهشتگردي وارو واقعو هو. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت پيپلز پارٽي ملڪ ۽ وفاق خلاف هڪ سازش هئي. ھي بدقسمتي آهي ته ڪجهه معاملن کي شفاف طريقي سان حل نه ٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت وفاق کي ترقياتي منصوبن جي تحفظات کان آگاهه ڪيو آهي، اسان کي خوشي ٿيندي جڏهن ڪراچي لاءِ ڪم ڪيو ويندو. ڪراچي جي ترقياتي منصوبي تي وفاق سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. جيڪو به ترقياتي ڪم ڪيو وڃي اهو 18ھين ترميم جي مطابق ٿئي. هن چيو ته وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي هڪ وڏي ڪاميابي آهي. اسان وچ اوڀر جي صورتحال جي مانيٽر ڪري رهيا آهيون. غزا جي مسئلي تي پر اميد آهيون، پر خدشا پڻ موجود آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.