اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)قومي ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (اين ڊي ايم) جي سربراهه محسن چيو آهي ته پاڪستان ۾ جاري دهشتگردي، تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي بحالي ۽ خيبرپختونخوا ۾ وڌندڙ بدامني دراصل انهن ئي غلط پاليسين جو نتيجو آهي جن ذريعي رياست شدت پسندن سان ڳالهين ۽ انهن جي آبادڪاري جو رستو اختيار ڪيو۔محسن داوڙ منظور پشتين سان اختلافن جو بنيادي سبب تحريڪ جي اندر جمهوري ڍانچي جي غير موجودگي کي قرار ڏنو، هن چيو ته منظور پشتين تنظيم کي هڪ ’’امير المومنين‘‘ طرز جي قيادت هيٺ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن اختلافن جي نتيجي ۾ محسن داوڙ، لطيف آفريدي ۽ بشريٰ گوهر جهڙن اڳواڻن اين ڊي ايم جي بنياد رکي،محسن داوڙ ٻڌايو ته کيس اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) کان ڄاڻي واڻي پري رکيو ويوهو هن جي مطابق مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کيس ٻڌايو ته ’’ادارن طرفان دٻاءُ‘‘ آهي ته کيس اپوزيشن اجلاس ۾ شامل نه ڪيو وڃي،هن چيو ته پي ڊي ايم جي پهرين حڪومت ۾ وزيراعظم شهباز شريف پاڻ کيس ٻڌايو ته ڪابينا ۾ شموليت لاءِ جنرل باجوا جي طرفان توهان جي نالي تي اعتراض آهي،هن چي ته خيبرپختونخوا ۾ هن وقت دهشتگردن جو ’’ڊي فيڪٽو ڪنٽرول‘‘ قائم آهي۔ ڏکڻ ضلعن ۾ شدت پسند عدالتون قائم ڪري ڇڏيون آهن، ڪمانڊر ۽ گشت تائين ڪن ٿا۔ هن الزام هنيو ته پاڪستان افغان طالبان کي ڪابل ۾ ويهاريو ۽ اڄ به انهن جا خاندان، ڪاروبار ۽ سرمايو پاڪستان ۾ موجود آهن۔ هن جي بقول آمريڪا افغانستان ۾ ’’شدت پسندي ۽ هٿيارن‘‘ جو مرڪز ڄاڻي واڻي ڇڏيو ته جيئن خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ٿئي ۽ چين جا مفاد متاثر ٿين، جڏهن ته پاڪستان هن ’’گريٽ ڊيزائن‘‘ ۾ شريڪ بڻيو۔هن چيو ته پهريون، فوج کي پنهنجي ماضي جي غلطيون تسليم ڪرڻيون پونديون ته هن طالبان جي حمايت ڪئي ۽ پاليسي غلط هئي۔ ٻيو، افغانستان ۾ طالبان حڪومت سان سڀ لاڳاپا ختم ڪيا وڃن، انهن جي خاندانن ۽ ڪاروباري مفادن کي پاڪستان مان مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي۔ ٽيون، سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي جا فيصلا چونڊيل عوامي نمائندن حوالي ڪيا وڃن ته جيئن سول بالادستي ۽ عوامي اعتماد بحال ٿئي۔