ڪراچي/حيدرآباد (نمائندن وٽان) حيدرآباد سميت سنڌ ۾ ڊينگي ۽ مليريا جا ڪيس وڌي رهيا آهن. لياقت يونيورسٽي ڊائگنوسٽڪ ريسرچ ليبارٽري موجب رڳو آڪٽوبر ۾، 7679 ماڻهن ۾ ڊينگي جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته بچاءَ لاءِ ڪي اپاءَ به نظر نٿا اچن. روز سوين مريض اسپتالن ۽ خانگي ڪيلنڪن تي علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن پر مرض تي ضابطو ناهي آيو. ڊي سي حيدرآباد زين العابدين موجب، ڊينگي وگهي 4 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. صحت کاتي جو چوڻ آهي ته جنوري کان 2416427 ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، جن مان 215270 ماڻهو مليريا جو شڪار ٿيا. ٻئي پاسي سنڌ حڪومت رڳو مليريا جي خاتمي واري پروگرام لاءِ 1.21 ارب رپين جي بجيٽ رکي آهي پر مليريا جي ڪيسن جو لکن ۾ وڌندڙ انگ هن پروگرام تي سوال اٿاري رهيو آهي.
مليريا جا 2 لک ڪيس، ڊينگي وگهي 2 ڄڻا فوت ٿيا: عملدار
حيدرآباد (رپورٽر) ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل مليريا ڪنٽرول پروگرام سنڌ ڊاڪٽر مشتاق علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ 1.6 ملين مليريا ڪيسن جي جاچ ڪئي وئي آهي، جن مان لڳ ڀڳ 2 لک ڪيس مثبت آيا آهن، علاج لاءِ سنڌ جي 1594 طبي مرڪزن تي مفت علاج ۽ تشخيص فراهم ڪئي پئي وڃي. هينئر تائين حيدرآباد ۾ هڪ ۽ ڪراچي اوڀر ۾ هڪ شخص ڊينگي سبب فوت ٿي چڪا آهن. لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد ۾ ڊينگي وارڊ جو دورو ڪرڻ کان پوءِ ڪانفرنس هال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڊينگي مڇر صاف پاڻي ۾ پرورش ڪندا آهن، ان کان متاثر مريض 6 ڏينهن تائين بيماري ۾ مبتلا رهندا آهن، جنهن کان پوءِ اهو پاڻمرادو ختم ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي. هن چيو ته هن بيماري کان ڊڄڻ بدران ان کان بچڻ لاءِ وڌ کان وڌ احتياط جي ضرورت آهي.ان موقعي تي سول اسپتال حيدرآباد جو ايم ايس ڊاڪٽر علي اڪبر ڏاهري، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر پير غلام حسين ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.