ڀارت ٻيهر جارحيت ڪئي ته اڳ کان وڌيڪ شدت سان جواب ڏنو ويندو: فيلڊ مارشل

راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان جي هٿياربند فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل عاصم منير ڀارت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته مان ڀارتي فوج جي قيادت کي خبردار ڪريان ٿو ته ايٽمي ماحول ۾ جنگ جي ڪا جاءِ ناهي. گذريل ڏينهن ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته ڀارت جي فوجي قيادت کي صلاح ڏيان ٿو ۽ خبردار ڪريان ٿو ته ايٽمي ماحول ۾ جنگ جي ڪا گنجائش ناهي ۽ پاڪستان سان بنيادي مسئلا گڏيل احترام ۽ برابري جي عالمي اصولن موجب طئي ڪري. آرمي چيف ڀارت کي مخاطب ڪندي چيو ته اسان اوهان جي بيان بازي کان ڪڏهن به نه ڊڄنداسين نه ئي دٻاءَ ۾ اينداسين، ڪنهن به قسم جي معمولي اڳرائي جو بنا ڊپ جي فيصلائتو جواب ڏينداسين. جنگ ۽ مواصلات جي علائقن وچ ۾ فرق گهٽ ٿيندو پيو وڃي، اسان جي هٿيارن جي نظام جي پهچ ۽ تباهه ڪندڙ صلاحيت ڀارت جي جغرافيائي جنگي تصور جي غلط فهمي ٽوڙي ڇڏيندي. اسان جي جوابي ڪارروائي سان ڀارت کي جيڪو فوجي ۽ معاشي نقصان پهچندو، اهو سندن وهم گمان کان به وڌيڪ هوندو. هن وڌيڪ چيو ته جارحيت جا پوري خطي لاءِ تباهه ڪندڙ نتيجا هوندا جنهن جو ذميوار ڀارت هوندو. معرڪا حق، بنيان مرصوص ۾ پاڪستان فوج پنهنجي پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪيو ۽ ازلي دشمن خلاف انتهائي پيشيوراڻي انداز ۾ ڪارروايون ڪندي رافيل جهازن کي ڪيرايو. فيلڊ مارشل جو چوڻ هو ته پاڪ فوج پنهنجي عزم سان دشمن کي شڪست ڏئي قوم جو اعتماد وڌيڪ مضبوط ڪيو، اڳ جي ڀيٽ ۾ قوم وڌيڪ متحد ٿي. ٻين ملڪن سان لاڳاپن جو ذڪر ڪندي آرمي چيف چيو ته سعودي عرب سان تازو گڏيل اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن جي تائيد آهي ۽ اهو نار ملڪن ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي ضمانت آهي. آرمي چيف چيو ته گڏيل اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدو پاڪستاني عوام ۽ فوج لاءِ فخر جوڳو آهي ۽ اهو اسان جي حرمين شريفين جي تحفظ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. ان موقعي تي هن قومي شاعر علاما اقبال جو شعر پڙهيو. ”ايڪ هون مسلم حرم ڪي پاسباني ڪي لئي، نيل جي ساحل سي لي ڪر تابخاڪ ڪاشغر“ فيلد مارشل افغانستان سان ڇڪتاڻ بابت چيو ته ڀارت معرڪا بنيان مرصوص ۾ ناڪامي کانپوءِ رياستي پٺڀرائي سان پاڪستان خلاف دهشتگردي کي پنهنجي ترجيح بڻايو آهي. اسان جي خلاف خارجي فتني ۽ ڀارتي فتني کي استعمال ڪري دنيا سامهون ڀارت پنهنجو منافقاڻو ۽ سفاڪ چهرو وائکو ڪيو آهي. هن چيو ته ڀارت افغانستان جي سرزمين کي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. اسان افغان عوام تي زور ڏيون ٿا ته اهي تشدد ۽ حقيقتون لڪائڻ تي گڏيل استحڪام ۽ ترقي کي ترجيح ڏين. طالبان رجيم انهن دهشتگردن کي لغام وجهي جن جا ٺڪاڻا افغانستان ۾ آهن ۽ اهي افغان سرزمين کي پاڪستان ۾ سفاڪ حملن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پاڪستان جي بهادر عوام، خاص طور خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي عوام سان گڏجي يقيني طور تي ان فتني کي شڪست ڏيندا. اسان کي يقين آهي ته روايتي جنگ ۾ اسان جي ڪاميابي جيان اسان جي پاڙيسري جي ڪنهن به پراڪسي کي نيست و نابود ڪري ڇڏينداسين. آرمي چيف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تعريف ڪندي چيو ته سندس ذاتي ڪوششن ۽ عالمي تڪرارن سان ڀرپور علائقن ۾ امن جي قيام لاءِ سندس اسٽريٽجڪ قيادت واکاڻ جوڳي آهي. پاڪستان غزا ۾ امن ۽ جنگ بندي لاءِ مک ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي خطاب جي شروعات ۾ هن پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس کي پيشيوراڻي مهارت ۽ نظم و ضبط جي شاندار مظاهري تي مبارڪون ڏنيون. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ 152هين پي ايم اي لانگ ڪورس، 71هين انٽيگريٽڊ ڪورس، 26هين ليڊي ڪيڊٽ ڪورس ۽ 37هين ٽيڪنيڪل گريجوئيٽ ڪورس جي ڪيڊٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ٿي. عراق، فلسطين، قطر، مالي، نيپال، مالديپ، سريلنڪا، يمن، بنگلاديش ۽ نائجيريا جي ڪيڊٽس به گريجوئيشن مڪمل ڪئي. فيلڊ مارشل خاص مهمان طور شريڪ ٿيو ۽ ڪيڊٽس ۾ انعام به ورهايا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.