اسلام آباد (بيورو) سپريم جڊيشل ڪائونسل ججن خلاف داخل ڪيل شڪايتن بابت فيصلو جاري ڪندي 74 مان 70 شڪايتون خارج ڪري ڇڏيون، 3 شڪايتن تي وڌيڪ ڪارروائي جي منظوري ۽ هڪ کي ملتوي ڪيو ويو، سپريم جڊيشل ڪائونسل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي، چيف جسٽس يحيى آفريدي جي صدارت ۾ سپريم جڊيشل ڪائونسل جا ٻه الڳ اجلاس ٿيا، جن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ عاليه نيلم ۽ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سرفراز ڊوگر شامل ٿيا، ٻئي اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي غير موجودگي ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شرڪت ڪئي، ڪائونسل آئين جي آرٽيڪل 209 تحت 67 شڪايتن جو جائزو ورتو، جن مان 65 متفقه طور خارج، هڪ ملتوي ۽ هڪ تي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ منظوري ڏني وئي، ٻئي اجلاس ۾ 7 شڪايتن جو جائزو وٺي 2 تي وڌيڪ ڪارروائي ۽ 5 کي داخلِ دفتر ڪيو ويو، ڪائونسل موجب آڪٽوبر 2024 کان اڃا تائين 155 شڪايتن تي غور ڪيو ويو آهي، جڏهن ته87 شڪايتون ابتدائي جائزي لاءِ اڃا زير التوا آهن، ذريعن موجب سپريم جڊيشل ڪائونسل جي اڪثريت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج خلاف داخل شڪايت تي وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، هي فيصلو ڪائونسل جي اجلاس دوران ڪيو ويو، جنهن ۾ ججن خلاف مجموعي طور تي ڪيترين ئي شڪايتن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته سپريم جڊيشل ڪائونسل ججن جي ضابطه اخلاق (ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ) ۾ اهم ترميمون منظور ڪري ڇڏيون، جن موجب هاڻ ملڪ جا جج ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي ڳالهه نه ڪندا، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ اڪثريتي راءِ سان ترميمون منظور ڪيون ويون، جن سان اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي دور ۾ شامل ڪيل اجازت واپس ورتي وئي، جنهن تحت ججن کي الزامن جو جواب ڏيڻ جي اجازت هئي، نئين ترميم موجب جج الزامن جو جواب زباني طور تي نه ڏيندو، پر لکت ۾ ادارا جاتي ردعمل لاءِ ٺهيل ڪميٽي کي موڪليندو، ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته جج ڪنهن به اهڙي سوال يا بحث ۾ ميڊيا تي شامل نه ٿيندو، جنهن سان تڪرار پيدا ٿئي، ڀلي اهو قانوني نوعيت جو سوال ڇو نه هجي، نئين ضابطه اخلاق موجب جج کي هر معاملي ۾ غيرجانبداري رکڻي پوندي، ذاتي مفاد يا لاڳاپي وارا ڪيس نه ٻڌڻا پوندا ۽ ڪنهن به قسم جي ڪاروباري يا مالي لاڳاپي کان پاسو ڪرڻو پوندو، ان سان گڏ ججن کي سياسي يا عوامي تڪرارن ۾ حصو وٺڻ، تحفا قبول ڪرڻ يا غير ضروري تقريبن ۾ شريڪ ٿيڻ کان به روڪيو ويو، ججن کي صرف ميرٽ تي فيصلا ڪرڻ ۽ ڪنهن به اندروني يا ٻاهرين دٻاءُ کان آزاد رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.