دنيا ۾ سون جي اهميت وڌي وئي، ڊالر جو زوال؟

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) سون ۽ چاندي جي عالمي مارڪيٽن ۾ قيمتن ۾ تيزي سان واڌ جاري آهي، جتي سون تاريخ جي بلند ترين سطح 4,000 ڊالر في اونس تي پهچي ويو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته قيمتن ۾ هي اضافو رڳو طلب ۽ رسد جو نتيجو ناهي، پر ان پويان ڪيترائي عالمي سياسي، معاشي ۽ مالي سبب شامل آهن. عالمي سياسي تڪرار: روس-يوڪرين جنگ، وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۽ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ سبب غير يقيني فضا، آمريڪا جي ڪمزور اقتصادي صورتحال: قرضن ۾ واڌ، سياسي ورڇ، ۽ ڊالر تي اعتماد ۾ گهٽتائي. مرڪزي بينڪن پاران وڏي پيماني تي سون خريد ڪرڻ: چين، روس، ترڪي ۽ سعودي عرب ڊالر جي جاءِ تي سون کي محفوظ اثاثو سمجهي رهيا آهن. سيڙپڪارن جو رجحان: وڏا سيڙپڪار سون کي محفوظ پناهه سمجهي رهيا آهن، خاص طور تي جڏهن اسٽاڪ مارڪيٽ ۽ ڪرپٽو ڪرنسين ۾ غير يقيني آهي. مهانگائي ۽ وياج جي شرح: مهانگائي ۽ امڪاني گهٽ وياج  جي شرح به سون جي طلب وڌائي رهي آهي. چاندي ۾ سيڙپڪاري جو رجحان به وڌي رهيو آهي. ان جا به مکيا ڪارڻ آهن جن ۾ صنعتي طلب ۾ واڌ: برقي ڪارون ۽ سولر پينل ۾ چاندي جو وڌندڙ استعمال. محدود فراهمي: چاندي ٻين ڌاتن جي کوٽائي دوران نڪري ٿي، تنهنڪري فوري سپلائي ممڪن ناهي. ادارن جي دلچسپي: مرڪزي بينڪن چاندي کي به اسٽريٽجڪ اثاثو سمجهي ورتو آهي. عام ماڻهن جو رجحان: چاندي جي اي ٽي ايفس ۾ 2 سئو سيڪڙو واڌ. ٽيڪنالاجي ۾ ڪردار:  5G، ليپ ٽاپ، شمسي توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ چاندي جي اهميت. سيڙپڪارن کي صلاح ڏني وئي آهي ته پنهنجي پورٽ فوليو ۾ 5 کان 15٪ چاندي ۽ 5 کان 10٪ سون ضرور شامل رکن، جيئن سيڙپڪاري محفوظ رهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.