اسلام آباد /ڪراچي(بيورو+رپورٽر) خاتونِ اول ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيستائين پاڪستان جو هر شهري آزاد ۽ برابر نه ٿيندو، اسان شهيدنِ جمهوريت جي واٽ تي اڳتي وڌندا رهنداسين،ڪار ساز سانحي کي 18 سال پورو ٿيڻ جي موقعي تي جاري پيغام ۾ آصفه ڀٽو چيو ته 18 آڪٽوبر 2007ع تي ڌيءَ مشرق شهيد بينظير ڀٽو تي دهشتگرد حملو ڪيو ويو، پر انهن جا وفادار ساٿي پنهنجي اڳواڻ کي بچائڻ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون،هن چيو ته ڪراچي جي شارعِ فيصل تي واقع ڪار ساز جو هنڌ پاڪستان ۾ جمهوريت جي رت سان رنگيل جدوجهد جو زندهه شاهد آهي، ٻئي پاسي صدر آصف زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته محترمه بينظير ڀٽو واضح خطرن جي باوجود وطن واپس آئي ۽ ڪار ساز سانحي کان پوءِ به پنهنجي مشن تي قائم رهي هن چيو ته جمهوريت جي استحڪام، آئين جي بالادستي، ۽ عوامي حقن لاءِ ڏنل اهي قربانيون پاڪستان جي سياسي تاريخ جو روشن باب آهن، ٻئي پاسي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪار ساز جو واقعو پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ اهڙو الميو آهي، جيڪو جمهوريت لاءِ ڏنل قربانين جي ياد کي هميشه زندهه رکندو۔