ڪراچي(حنيف دوامي) شڪيل احمد دراني کي ڊي جي نيب سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن سان تصديق ٿي وئي آهي،ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب پاران جاري ٿيندڙ هي حڪم ڄڻ ”غير اعلانيل آپريشن“ آهي، جنهن ۾ وفاقي هدايتن تي سنڌ سان واسطو رکندڙ سڀني وڏن نالن خلاف سخت ڪارروائي شروع ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي،نيب جي ذريعن موجب ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (ECL) ۽ واچ لسٽ نئين سر تيار ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي اهم شخصيتون ۽ ڪامورا شامل ڪيا ويا آهن۔رپورٽن موجب، شڪيل احمد دراني جي مقرريءَ کان پوءِ پارٽي قيادت اندر خوف ۽ بيچيني جي لهر ڊوڙي وئي آهي۔اطلاع آهن ته هي مقرري روڪرائڻ لاءِ اهم آئيني شخصيت نواز شريف، شهباز شريف ۽ ڊپٽي وزيراعظم تائين رابطا ڪيا ته هي پوسٽنگ نه ڪئي وڃي، شڪيل دراني کي اڳ ۾ آءِ جي بلوچستان طور مقرر ٿيڻ جي تجويز هئي، پر پيپلز پارٽي جي صوبائي قيادت ان جي مخالفت ڪئي۔ پوءِ ئي کيس نيب ۾ موڪليو ويو ۽ هاڻي هو ڊي جي نيب سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي،ذريعن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي، جيڪا في الحال وفاقي حڪومت جي اتحادي آهي، ان جا تحفظات نظرانداز ڪيا ويا،هاڻي نيب سنڌ کي حڪم ڏنو ويو آهي ته ڪرپشن ۾ ملوث ڪنهن سان نرم رويي نه رکيو وڃي،سڀني ڪيسن کي قانوني ۽ آئيني طريقي سان پر سختيءَ سان اڳتي وڌايو وڃي،وڏن ڪيسن ۾ ملوث ڄاڻايلن کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کان روڪيو وڃي۔