شادي لارج ڀرسان بااثر مبينا طور پورهيت کي باهه ڏئي ساڙي ماري ڇڏيو

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) شادي لارج ڀرسان ڳوٺ ڪي ٽي ۾ پورهيت کي سڱاوتي تڪرار تان مبينا طور بااثر باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو، ڳوٺ ڪي ٽي ۾ واقعو پيش آيو، مبينا طور باهه ڏئي ساڙي ماريل نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته  کوسڪي پوليس مقامي وڏيرن جي ونگار وهندي پورهيت کي مختلف وقتن تي تنگ ڪندي هئي، پورهيت حڪيم ڪپري جي ڇوڪرن کي سڱ ڏنا ويا بعد ۾ بااثر وڏيري پاران ڌمڪائي مڱڻيون ٽوڙيون ويون هيون، مقتول جي وارثحن موجب  پورهيت پاران کوسڪي ٿاڻي تي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي وئي هئي جنهن بعد وڏيري پاران مداخلت ڪري معاملي کي رفع دفع ڪيو ويو هو، مقتول جي پٽ ربڏنو ڪپري جو چوڻ هو ته بااثر وڏيري ظلم جي انتها ڪئي آهي، مائٽن کي استعمال ڪري پيءُ کي ساڙي ماريو ويو آهي، پوليس ڪو به ايڪشن ناهي ورتو، انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته الزام هيٺ آيل ڌر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته حڪيم ڪپري پاڻ کي باھ ڏني آهي، ان جا وارث بيگناهه اسان مٿان الزام مڙهي رهيا آهن، جڏهن ته باهه ڏئي ساڙي ماريل پورهيت جي وارثن دانهيندي گُھر ڪئي آھي ته ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي  بدين معاملي جو نوٽيس وٺي فوري طور تي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ۽ مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.