اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته گل بهادر گروپ خلاف گذريل رات ڪيل ٽارگيٽڊ ڪارروائين ۾ تصديق ٿيل انٽيليجنس رپورٽن موجب گهٽ ۾ گهٽ 60 کان 70 خارجي ۽ ان جي قيادت کي مارجي وئي آهي، عطاءُالله تارڙ سماجي پليٽفارم ايڪس تي لکيو ته پاڪستان اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان جي سرحدي علائقن ۾ افغان بارڊر سان لڳل ڪئمپ ۽ خارجي عناصرن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، گذريل 48 ڪلاڪن جي جنگ بندي دوران افغانستان کان آپريٽ ڪرڻ وارن خارجي عنصرن ڪوششون ڪيون ته پاڪستان جي علائقن ۾ گهڙي حملن جي ڪوششون ڪن، پر سڪيورٽي فورسز انهن ڪوششن کي ناڪام بڻايو، وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته سڪيورٽي فورسز جي جوابي آپريشنز دوران مجموعي طور 100 کان وڌيڪ خارجي مارجي ويا آهن، عطاءُ الله تارڙ ٻڌايو ته گل بهادر گروپ جا خارجي عناصر اتر وزيرستان ۾ گاڏي تي آءِ اي ڊي سان حملو ڪيو، جنهن ۾ ڪيترائي شهري ۽ هڪ فوجي شهيد ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا، وفاقي وزير دعويٰ ڪئي ته شهرين جاني نقصان بابت جيڪي ڳالهيون يا دعوائون سامهون اچي رهيون آهن، اهي غلط آهن ۽ انهن جو مقصد افغانستان مان آپريٽ ڪندڙ دهشتگردن لاءِ همدردي پيدا ڪرڻ آهي، آپريشن دوران ڪنهن به عام شهري کي نشانو ناهي بڻايو ويو، عطاالله تارڙ زور ڏنو ته پاڪستان سمجھي ٿو ته هن مسئلي جو پائيدار حل افغان سرزمين تي غير رياستي عنصرن تي افغان حڪومت جي ڪنٽرول ۽ ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي، پر پاڪستان پنهنجي علاقائي خودمختياري ۽ شهرين جي حفاظت جو پورو حق استعمال ڪندو ۽ ڪنهن به دهشتگرد کي ملڪ خلاف ڪارروائي جي اجازت نه ڏيندو، ٻئي پاسي سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ گل بهادر گروپ جي خودڪش حملي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائيندي چار دهشتگردن کي ماري وڌو، خودڪش ڌماڪي ۾ ٽي عورتون ۽ ٻه ٻار شهيد ٿي ويا، فورسز جي فوري جواب سبب علائقو وڏي سانحي کان بچي ويو، سڪيورٽي ذريعن موجب دهشتگردن جو تعلق گل بهادر گروپ سان هو، جنهن پاڻ ذميواري قبول ڪئي آهي، ذريعن موجب خارجي دهشتگرد گل بهادر افغانستان ۾ طالبان جي سرپرستي هيٺ لڪل آهي ۽ پاڪستان اندر معصوم شھري کي نشانو بڻائڻ جو منصوبا بندي ڪري رهيو هو، سڪيورٽي ذريعا چون ٿا ته فتنه الخوارج جا دهشتگرد عوام جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن.