اسلام آباد (بيورو) پاڪستاني پرڏيهي وزارت موجب، پاڪستان افغانستان سان ڪا به ڇڪتاڻ نٿو چاهي، پر افغان طالبان جي قيادت تي زور ڏئي ٿو ته هو عالمي برادري سان ڪيل پنهنجي واعدن کي پورو ڪري ۽ پاڪستان جي جائز سيڪيورٽي خدشن کي حل ڪرڻ لاءِ تصديق جوڳي ڪارروائي ڪري. بيان موجب، پاڪستان خاص طور تي ٽي ٽي پي (تحريڪ طالبان پاڪستان) ۽ بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) جهڙن دهشتگرد گروپن خلاف ڪارروائي چاهي ٿو. پرڏيهي وزارت وڌيڪ چيو ته پاڪستان قطر جي ٽياڪڙي ۽ مفاهمت جي ڪوششن جي تعريف ڪري ٿو ۽ اميد ڪري ٿو ته اهي ڳالهيون خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.
حيرت آهي ته مريم نواز کي اوچتو سنڌ ياد اچي وئي: منظور وساڻ
ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته حيرت آهي ته اوچتو مريم نواز کي سنڌ ڪيئن ياد اچي وئي، بلاول هائوس ڪراچي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته سنڌ اڳ ئي ڪيترين ئي قربانين مان گذري چڪي آهي ۽ هن وقت به ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، هن جو چوڻ هو ته ايندڙ وقت ملڪ لاءِ ڪجهه ڏکيو نظر اچي رهيو آهي، هن چيو ته سٺو آهي جو ٽرمپ حڪومت جي تعريف ڪري رهيو آهي، منظور وساڻ مزاحيه انداز ۾ چيو ته ڪڏهن ڪڏهن تعريف به ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي آهي، پر اڃا تائين ته سڀ ٺيڪ آهي، هن چيو ته پاڪستان اڳ ئي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، افغانستان ۽ ڀارت جا مسئلا به موجود آهن.