ڪراچي ۾ 25 آڪٽوبر تي ”خواجه سرا فيسٽيول 2025“ جو اعلان

ڪراچي (عرفان بلوچ )پاڪستان جي خواجه سرا ڪميونٽي پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته ساليانو خواجه سرا فيسٽيول 2025 ايندڙ هفتي 25 آڪٽوبر کان ڪراچي ۾ شاندار انداز ۾ شروع ٿيندو، جنهن ۾ ملڪ جي مختلف شهرن سان گڏ ٻاهرين ملڪن مان به ٽرانس جينڊر برادري جا ميمبر، فنڪار، سماجي ڪارڪن ۽ انساني حقن جا اڳواڻ شرڪت ڪندا۔پريس ڪانفرنس دوران ڪامي جهوجو، ڊاڪٽر سارا گل ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته فيسٽيول جو مقصد خواجه سرا ڪميونٽي جي سڃاڻپ، وقار، آزادي ۽ پنهنجي ڌرتي سان لاڳاپي جي اظهار کي هٿي ڏيڻ آهي،تقريبن ۾ ثقافتي، فني، موسيقي ۽ علمي پروگرام شامل هوندا، جن ذريعي برادري جي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو ويندو۔ڳالهائيندڙن چيو ته خواجه سرا برادري خلاف وڌندڙ تشدد ۽ امتيازي روين جي روڪٿام لاءِ اهڙيون سرگرميون اهم آهن، ڇو ته اهي سماج ۾ رواداري، برابري ۽ احترام جو پيغام عام ڪن ٿيون۔ڊاڪٽر سارا گل چيو ته حڪومت کي گهرجي ته خواجه سرا ڪميونٽي کي تعليم، صحت، روزگار ۽ تحفظ جا برابر موقعا فراهم ڪيا وڃن، جڏهن ته ٽرانس ماڻهن کي پاليسي سطح تي نمائندگي ڏني وڃي خواجه سرا فيسٽيول رڳو تفريحي تقريب نه آهي پر اها هڪ سماجي تحريڪ آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.