ڪاڪول (ويب ڊيسڪ) فِيلڊ مارشل ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته مان ڀارتي فوج کي خبردار ڪيان ٿو ته نيوڪليئر انوائرمينٽ ۾ ٻنهي ملڪن ۾ جنگ جي گنجائش ناهي، پاڪستان سان بنيادي مسئلن کي عالمي اصولن تحت برابري ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي حل ڪريو.
ڇنڇر ڏينهن پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي چيو ته ايندڙ ڇڪتاڻ خطي ۽ ان کان ٻاهر جي لاءِ تباهي آڻيندڙ نتيجن جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان ” معرڪاءِ حق“ ۾ پنهنجي دفاعي ۽ عسڪري صلاحيتن جو ثبوت ڏنو آهي.
هن چيو ته هو ”قوم کي پَڪ ڏياريان ٿو پاڪستان جي سرزمين جو هڪ انچ به ڪنهن کي نه ڏنو ويندو.“
فيلڊ مارشل چيو ته آپريشن بنيان مرصوص دوران قوم فوج سان رُڪ جي ڀت وانگر بيٺي رهي، ڀارت طرفان پاڪستان تي بي بنياد الزام هنيا ويا آهن.
آرمي چيف چيو ته ايٽمي ماحول ۾ جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي، تنهنڪري ٻنهي ملڪن کي برابريءَ جي بنياد تي حل طلب تڪرارن بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي.
هن چيو ته پاڪستان امن پسند ماڻهن جو ملڪ آهي، پاڪستان جو غزا ۾ امن لاءِ اهم ڪردار رهيو.
سندس چوڻ هو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جون دنيا ۾ امن لاءِ ڪاوشون ساراهڻ جوڳيون آهن. حرمين شريفين جي دفاع جي ذميواري اسان لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي.
هن چيو ته دشمن پاڪ فوج ۽ عوام ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، مان ڀارتي فوج کي خبردار ڪيان ٿو ته نيوڪليئر انوائرمينٽ ۾ ٻنهي ملڪن ۾ جنگ جي گنجائش ناهي، پاڪستان سان بنيادي مسئلن کي عالمي اصولن تحت برابري ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي حل ڪريو.
مان ڀارتي فوج کي خبردار ڪيان ٿو ته نيوڪليئر ماحول ۾ ٻنهي ملڪن ۾ جنگ جي گنجائش ناهي: فيلڊ مارشل
You might also like