ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 18 آڪٽوبر 2007ع تي آمريت ۽ دهشتگردي ڳٺ جوڙ ڪري شهيد بينظير جي قافلي تي قاتلاڻو حملو ڪيو، 180 جيالن جمهوري پاڪستان جي خواب لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 18 آڪٽوبر هاڃي جي 18هين ورسي تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته قوم جي روح تي 18 آڪٽوبر جو ڏينهن سدائين جي لاءِ نقش ٿي چڪو آهي، هي اهو ڏينهن هو جڏهن 30 لکن کان وڌيڪ ماڻهن شهيد بينظير ڀٽو جي ڏيهه واپسي تي تاريخي آجيان ڪئي.
هن چيو ته آمريت ۽ دهشتگردي ڳٺ جوڙ ڪري شهيد بينظير جي قافلي تي قاتلاڻو حملو ڪيو، 180 جيالن جمهوري پاڪستان جي خواب لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو.
هن چيو ته اسان شهيدن جي مشن کي اڳتي وڌائينداسين ته هڪ اهڙو پاڪستان تعمير ٿئي جتي جمهوريت، برابري ۽ انصاف جي حڪمراني هجي.