دوحا(ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني وفد افغان طالبان سان سرحد پار دهشتگردي روڪڻ بابت ڳالهين لاءِ قطر ۾پهچي ويو .
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، بچاءَ واري وزير قيادت ۾ اعليٰ سطحي وفد اڄ دوحا ۾ افغان طالبان سان ملاقات ڪندو، جتي افغانستان طرفان ٿيندڙ سرحد پار دهشتگردي جي ترت خاتمي تي ڳالهيون ڪيون وينديون.
ترجمان چيو ته پاڪستان ڇڪتاڻ نه ٿو چاهي، ملڪ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پرامن حل چاهي ٿو، افغان طالبان کي گهرجي ته هو پنهنجي بين الاقوامي واعدن جي پاسداري ڪن ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي خدشن کي ختم ڪن.
ترجمان موجب، پاڪستان افغان سرزمين تان دهشتگرد گروهن خلاف تصديق جوڳي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان قطر جي ٽياڪڙي وارين ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته ڳالهيون علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم اڳڀرائي آهن.
ٻئي پاسي سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان طالبان سان ڳالهين لاءِ پاڪستان جو اعليٰ سطحي وفد دوحا پهچي ويو آهي، جنهن جي اڳواڻي خواجا آصف ڪري رهيو آهي.
ذريعن موجب، خواجا آصف جي سربراهيءَ ۾ ويندڙ پاڪستاني وفد وٽ ٽي ٽي پي طرفان ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي ڪارروائين جا ثبوت ۽ پاڪستان کي گهربل ميبنا دهشتگردن جا تفصيل موجود آهن.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن قطر ۾ پاڪستان ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين دوران دوحا ڳالهين تائين جنگ بندي تي اتفاق ڪيو ويو هو.
سرحد پار کان دهشتگردي وارو معاملو، خواجا آصف جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني وفد افعان طالبان سان ڳالهين لاءِ قطر پهچي ويو
You might also like