اسلام آباد(عاصمه شيرازي+اسد طور+) تحريڪ لبّيڪ پاڪستان جنهن تي ڪنهن زماني ۾ تحريڪ انصاف حڪومت پابندي لڳائي هئي ۽ پوءِ هٽائي به هئي، اڄ ساڳي پي ٽي آءِ انهيءَ ٽي ايل پي سان سياسي اتحاد ۽ احتجاج ۾ گڏ نظر اچي رهي آهي۔پي ٽي آءِ ٽي ايل پي جي احتجاج جي آڙ ۾ پنهنجو سياسي احتجاج ۽ دٻاءُ وڌائڻ چاهي ٿي، پي ٽي آءِ هاڻي پنهنجي احتجاجي طاقت لاءِ ڪنهن به اسٽريٽ پاور جي پٺيان لڪڻ چاهي ٿي، ۽ ٽي ايل پي کي استعمال ڪري سياسي فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر ان مان کيس ڪجهه به هٿ نه ايندو،ٽي ايل پي تيزي سان پکڙجي رهي آهي،ان جا ماڻهو سر ڌڙ کان الڳ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي ملڪ لاءِ خوفناڪ منظر پيش /ڪري رهيا آهن، عمران خان ۽ سندس حامي وري پاڪستان کي سياسي طور بليڪ ميل ڪرڻ ۽ دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن،گذريل سال 26 نومبر تي جڏهن اسلام آباد ۾ احتجاج جو ڊرامو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ته خوني راند رچائڻ ۾ ناڪام رهيا۔ پوءِ دعوائون ڪيون ويون ته "اسان جا 200-300 ماڻهو شهيد ٿيا”، پر عدالت ۾ ڪو به ثبوت، ڪو به ڊيٿ سرٽيفڪيٽ، نه ئي ڪنهن گمشدگي جي ايف آءِ آر پيش ڪري سگهيا۔هاڻي اهي ٽي ايل پي جي احتجاج سان سياسي آڪسيجن وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عمران خان جي اعلان مطابق ملڪ ۾ احتجاج ٿيڻا هئا، پر ڪراچي، لاهور ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ ڪو خاص ردِعمل نه آيو، صرف ڪي پي ۾ ڪجهه احتجاج ٿيا.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 18 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو