اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سينيئر صحافي ۽ تجزئي نگار مظهر عباس جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي تاريخ اهو واضح ڪري ٿي ته چاهي سياسي جماعتون هجن يا مذهبي تنظيمون، پابندين جا نتيجا ڪڏهن به مثبت نه نڪتا آهن، مظهر عباس چيو ته گذريل ويهه سالن ۾ درجنين مذهبي جماعتن ۽ دهشتگرديءَ ۾ ملوث تنظيمن تي پابنديون لڳايون ويون، پر ملڪ مان شدت پسندي گهٽجڻ بدران وڌيڪ وڌي وئي،هن چيو ته اصل مسئلو اهو آهي ته ملڪ ۾ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي پيدا ڪندڙ بنيادي سببن تي ڪڏهن به سنجيدگيءَ سان غور نه ڪيو ويو۔دهشتگرديءَ جو قانون سياسي مقصدن لاءِ استعمال ٿيو،هن چيو ته پاڪستان ۾ هڪ روايت رهي آهي ته رات پيٽ ۾ نيون تنظيمون ۽ سياسي جماعتون ٺاهي وينديون آهن، ۽ جڏهن انهن جا مقصد پوريون ٿي وڃن، تڏهن حڪومتون پاڻ انهن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن۔هن چيو ته: “مسئلا تمام گهڻا آهن، پر انهن جي حل لاءِ سنجيدگيءَ جو فقدان آهي،تجزئي نگار بينظير شاهه چيو ته ن ليگ جي حڪومت ۾ ٽي ايل پي سان ڳالهيون ڪري سندن سمورا مطالبا منظور ڪيا هئا،پنجاب حڪومت جي دور ۾ اقليتن جي عبادتگاهن تي حملا ڪيا ويا،حڪومت پاران هڪ لفظ به نه چيو ويو،هن چيو ته ٽي ايل پي هڪ انتهاپسند جماعت آهي،اهي بار بار مذهب جو غلط استعمال ڪن ٿا،هتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته پابندي لڳائڻ سان نفرتون ۽ انتهاپسندي پکيڙڻ جو عمل رڪجي ويندو؟هن چيو ته ماضي ۾ به تنظيمن تي پابنديون لڳيون پر اهي نالا بدلائي وري اليڪشن جي عمل ۾ شامل ٿي ويون،ڇا پابندي لڳائڻ سان اقليتن خلاف نفرت رڪجي ويندي؟جڏهن صحافين جلانوالا واقعي تي ڳالهايو هو ته تڏهن ٽي ايل پي وارن ڪيئن انهن صحافين جي ٽرولنگ ڪئي،هن چيو ته مون کي ڊپ آهي ته ٽي ايل پي تي پابندي جو جيڪو سبب ڄاڻايو پيو وڃي سڀاڻي اهو ئي سبب سياسي پارٽين تي پابندي لاءِ ڪٿي استعمال ته نه ڪيو ويندو؟