پنجاب ڪابينا تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي

لاهور (بيورو) پنجاب ڪابينا تحريڪ لبّيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) تي پابندي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. صوبائي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته پابندي بابت سمري وفاقي حڪومت ڏانهن موڪلي وئي آهي. عظميٰ بخاري چيو ته سڄي دنيا غزا جنگ بندي تي پاڪستان جي ڪردار جي ساراهه ڪري ٿي پر هڪ مذهبي جماعت غزا لاءِ احتجاج جو اعلان ڪيو، جڏهن ته ان وقت غز ۾ امن معاهدو ٿي چڪو هو. هن چيو ته احتجاج دوران ڀڃ ڊاهه ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو، اهي ملڪ ۽ عوام جا خيرخواهه نٿا ٿي سگهن. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته رياست اهڙي پرتشدد احتجاج ۽ انتشار جي سٽ نٿي سهي سگهي، ڪنهن کي به بنيادي حقن جي نالي تي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن واپاري برادري، ٽرانسپورٽرن ۽ عوام جا ٿورا مڃيا جن هڙتال جو سڏ رد ڪيو.  صوبي ۾ نوان هٿيار لائسنس جاري ڪرڻ ۽ نماز ۽ خطبي کان کانسواءِ لائوڊ اسپيڪر جي استعمال تي به پابندي لڳائي وئي آهي. اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته غير قانوني هٿيار رکندڙ هڪ مهيني اندر هٿيار جمع نه ڪرائيندا ته دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويندا. عظميٰ بخاري چيو ته انتها پسند جماعت جا سوشل ميڊيا ۽ بينڪ اڪائونٽ سيل ڪيا ويندا، جڏهن ته ڪنهن به منبر يا مدرسي مان نفرت انگيز تقرير برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو آهي ۽ چار کان وڌيڪ ماڻهن کي گڏ ٿيڻ جي اجازت ناهي. ٻئي پاسي پنجاب ۾ مذهبي جماعت خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، جتي گرفتارين جو انگ 5 هزار کان وڌي 5100 تائين پهچي ويو آهي. پنجاب پوليس موجب پرتشدد احتجاجن ۾ ملوث شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، جن مان 624 لاهور ۽ 145 فيصل آباد مان آهن. پوليس آفيسرن موجب جماعت جي هڙتال ناڪام بڻائي وئي، جڏهن ته زبردستي دڪان بند ڪرائڻ خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 11 جوابدارن کي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو، جڏهن ته راولپنڊي جي عدالت 30 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي سڃاڻپ پريڊ لاءِ 14 ڏينهن جي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. مذهبي جماعت جون 40 مسجدون اوقاف کاتي حوالي ڪيون ويون جن مسجدن ۾ مسئلا هوندا اتي اوقاف کاتي جي امام سان گڏ پوليس به مقرر هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.