اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته هاڻي افغانستان ڀارت جي پراڪسي بڻجي ويو آهي، دهشتگرديءَ جي اها جنگ ڀارت، افغانستان ۽ ٽي ٽي پي گڏجي پاڪستان تي مڙهي آهي.
خواجه آصف چيو ته ڪابل جا حڪمران ڀارت جي هنج ۾ ويهي پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، جيڪي ڪالهه تائين اسان جي پناهه ۾ هئا، اسان جي زمين تي لڪيل هئا.
هن چيو ته پاڪستان هاڻي ڪابل سان لاڳاپا ماضي وانگر برداشت نٿو ڪري سگهي، سڀ افغاني پنهنجي وطن واپس وڃن، هاڻي ڪابل ۾ انهن جي پنهنجي حڪومت آهي، اسلامي انقلاب کي پنج سال ٿي ويا آهن.
بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته افغانستان کي پاڪستان سان پاڙيسرين وانگر رهڻو پوندو، اسان جي زمين ۽ وسيلن تي 25 ڪروڙ پاڪستانين جو حق آهي، پنج ڏهاڪن جي زبردستي واري مهمان نوازي ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، خوددار قومون ٻين جي زمين ۽ وسيلن تي پلنديون ناهن.
هن چيو ته هاڻي احتجاجي خط ۽ امن جي اپيلون نه هلنديون، وفد ڪابل نه ويندا، جتي به دهشتگرديءَ جو مرڪز هوندو، ان کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
خواجه آصف وڌيڪ چيو ته طالبان جي 2021ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ امن ۽ افغانستان کان دراندازي روڪڻ لاءِ حڪومت ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون، پر ڪو به هاڪاري ردعمل نه مليو.
” هڙئي افعاني واپس وڃن“، ڪابل جا حڪمران ڀارت جي هنج ۾ ويهي پاڪستان خلاف سازشون پيا ڪن: خواجا آصف
You might also like