لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڏکڻ آفريڪا خلاف وائيٽ بال سيريز لاءِ رٿابندي شروع ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، ٿنڪ ٽينڪ طرفان پچز بابت ڪيوريٽرز کي هدايتون جاري ڪيو ويون آهن ۽ وائيٽ بال سيريز ۾ فليٽ بيٽنگ ٽريڪس نه ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وائيٽ بال سيريز ۾ بيٽنگ پچز تيار نه ڪيون وينديون، اِهو فيصلو فليٽ بيٽنگ ٽريڪس تي ڏکڻ آفريڪي بيٽرز جي طاقت کي ڌيان ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، سيريز دوران پچز مان بالرن، خاص طور تي اسپنرن کي به مدد ملندي.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏکڻ آفريڪا خلاف وائيٽ بال سيريز لاءِ اسڪواڊ بابت صلاح مشورا جاري آهن ۽ پاڪستان اسڪواڊ ۾ واڌو اسپنر کي شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
سيلڪشن ڪميٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن ۽ بهترين دستياب رانديگرن سان ايندڙ ميچن لاءِ اسڪواڊ ترتيب ڏنو پيو وڃي.
سيلڪشن ڪميٽي جي ذريعن موجب، ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ لاءِ ڪنهن به رانديگر جي نالي اڳيان ڪراس جو نشان ناهي، بابر اعظم ۽ نسيم شاهه سميت هڙئي وائيٽ بال کيڏندڙ ڪرڪيٽر غور هيٺ آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن رانديگر جي ضرورت پئي ته کيس نظرانداز نه ڪيو ويندو.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 28 آڪٽوبر کان پهرين نومبر تائين کيڏي ويندي، جڏهن ته ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز 4 نومبر کان شروع ٿيندي.
You might also like