” اچو مون سان ڪچهري ڪريو“ دپيڪا جو آواز ميٽا جو حصو بڻجي ويو، سهولت ڪهڙن ملڪن لاءِ آهي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار دپيڪا پاڊڪون انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي ڪمپني ”ميٽا“ سان ان جي مصنوعي ڏاهپ ( اَي آءِ ) ٽولز لاءِ سهڪار جو معاهدو ڪري ڇڏيو .
دپيڪا پاڊڪون فيسبڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ جي مالڪ ڪمپني ميٽا سان پنهنجي آواز ۾ انگريزي ٻولي ڳالهائڻ واري معاهدي جي تصديق ڪئي آهي.
اداڪارا انسٽاگرام تي هڪ مختصر وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هوءَ آواز رڪارڊ ڪندي نظر اچي رهي آهي.
وڊيو جي ڪيپشن ۾ هن تصديق ڪئي ته هاڻي سندس آواز ميٽا اي آءِ جو حصو بڻجي چڪو آهي، نيوزيلينڊ، آسٽريليا، ڪئناڊا، برطانيا ۽ آمريڪا جا واهپيدار اي آءِ تي سندس آواز سان انگريزي ۾ ڳالهائي سگهندا.
دپيڪا پاڊڪون وڊيو ۾ به انگريزي ۾ پنهنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو ته دنيا جي ڪيئي ملڪن سان تعلق رکندڙ واهپيدار هاڻي ميٽا اي آءِ چيٽ بوٽس تي سندس آواز جي انگريزي بوٽس سان ڳالهائي سگهندا.
ذريعن موجب، دپيڪا پاڊڪون کانپوءِ ڀارت جي ٻين اداڪارن طرفان به ميٽا اهڙي قسم جا معاهدا ڪرڻ جو امڪان آهي.
ميٽا جي طرفان اڳ ئي هالي ووڊ جي ڪيترن ئي اداڪارن ۽ اداڪارائن جي آواز، تصويرن ۽ وڊيوز تي ٻڌل اي آءِ چيٽ بوٽس متعارف ڪرايا ويا آهن، جن سان استعمال ڪندڙ گفتگو ڪري سگهن ٿا.
ميٽا طرفان اي آءِ ۾ هندي ٻوليءَ ۾ به ڪيترائي فيچرز متعارف ڪرايا ويا آهن ۽ ڀارت ۾ وڌيڪ نوان اي آءِ فيچرز متعارف ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي.
ميٽا جيان ٻيا اي آءِ پليٽفارم به مشهور شخصيتن جي آواز، وڊيوز ۽ تصويرن تي ٻڌل اي آءِ بوٽس متعارف ڪرائي چڪا آهن، جڏهن ته اهڙيون به رپورٽون سامهون آيون آهن ته ڪجهه بوٽس مبينا طور تي فحش ڳالهين ۽ موضوعن تي به ڳالهائين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.