ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر بيٽر عمائمه سهيل چيو آهي ته ٽيم اڃا به آءِ سي سي وومينز ورلڊڪپ جي سيمي فائنل تائين پهچڻ جي اميد رکي ٿي، پاڪستان جي ايندڙ ميچ ڇنڇر تي نيوزيلينڊ سان ٿيندي.
ياد رهي ته اڱاري ڏينهن برسات پاڪستان جي ون ڊي ورلڊڪپ ۾ پهرين فتح جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو، انگلينڊ خلاف اهم ميچ مسلسل برسات سبب رد ڪئي وئي.
پهرين برسات کانپوءِ ميچ کي 31 اوورن تائين محدود ڪئي وئي ۽ پاڪستان کي 113 رنسن جو هدف مليو، پاڪستان 6.4 اوورن ۾ بنا ڪنهن نقصان جي 34 رنسون ٺاهي ورتيون هيون ته ٻيهر برسات شروع ٿي وئي جنهن سبب ميچ ختم ڪئي وئي.
ڪولمبو جي آر. پريماداسا اسٽيڊيم ۾ پري ميچ پريس ڪانفرنس دوران عمائمه سهيل چيو ته “اسين بلڪل به سڪون سان ناهيون ويٺا ، اسان وٽ اڃا به سيمي فائنل ۾ پهچڻ جو موقعو آهي جيڪڏهن اسان ٽي ميچون کٽيون ته سيمي فائنل کيڏي سگهون ٿا.“
سڪون سان ناهيون ويٺيون، سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ ايندڙ ٽئي ميچون کٽڻيون پونديون: عمائمه سهيل
You might also like