اهم آسٽريلوي رانديگر ڀارت خلاف ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو

پرٿ (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي آل رائونڊر ڪئمرون گرين فٽنيس مسئلن سبب ڀارت خلاف ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، ڪئمرون گرين جي سائيڊ انجري گهٽ درجي جي آهي، پر احتياطي طور تي کيس سيريز ۾ نه کيڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. آل رائونڊر جي جاءِ تي مارنوس لبوشين کي ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته ڪئمرون گرين مختصر ريهيب مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ايشز جي تياري لاءِ شيفلڊ شيلڊ جي ميچ کيڏندو.
ياد رهي ته ان کان اڳ مارنوس لبوشين کي ون ڊي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ هن ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ تسلسل رنسون ٺاهي ٽيم ۾ واپسي ڪئي آهي.
آسٽريليا ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٽن هڪ ڏينهن وارين ميچن جي سيريز 19 آڪٽوبر کان پرٿ ۾ شروع ٿيندي، ٻي ميچ 23 آڪٽوبر تي ايڊليڊ ۽ ٽِين ۽ آخري ميچ 25 آڪٽوبر تي سڊني ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.