سولر پينلز ۽ انٽرنيٽ تي به ٽيڪس وڌائڻ جون تياريون، آءِ ايم ايف جو نئون پلان سامهون اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀاڻ ۽ زرعي دوائن تي ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز رد ٿيڻ کانپوءِ، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف هاڻي ان ڳالهه تي غور ڪري رهيا آهن ته متبادل طور شمسي پينلز (سولر)، انٽرنيٽ ۽ ٻين شعبن تي ٽيڪس ڪيئن وڌايا وڃن، جيئن جيڪڏهن آمدني ۾ گهٽتائي ٿئي ته هنگامي بنيادن تي واڌو ٽيڪس حاصل ڪري سگهجن.
ذريعن موجب هي تجويز ڪيل هنگامي ٽيڪس قدم آءِ ايم ايف جي ٻئي جائزي واري رپورٽ جو حصو هوندا، جيڪا فنڊ جي ايگزيڪٽيو بورڊ طرفان هڪ ارب ڊالر جي ٽين قسط جي منظوري کانپوءِ جاري ڪئي ويندي.
اهي قدم ان صورت لاڳو ڪيا ويندا جڏهن مالي سال جي پهرئين ڇهه ماهي (جولاءِ کان ڊسمبر) دوران آمدني ۾ گهٽتائي مقرر حد کان وڌي وڃي يا ناڻي واري وزارت جي خرچن ۾ گهٽتائي نه ڪري سگهي.
ايف بي آر طرفان آءِ ايم ايف کي پيش ڪيل تجويزن ۾ چيو ويو آهي ته ضرورت پوڻ تي درآمدي سولر پينلز تي جي ايس ٽي جي شرح 10 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪري سگهجي ٿي، جيڪا جنوري 2026 کان لاڳو هوندي.
ان کانسواءِ انٽرنيٽ تي وِد هولڊنگ ٽيڪس 15 سيڪڙو مان وڌائي 18 يا 20 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي.
ايف بي آر جي اندازي موجب، ايندڙ سالن ۾ درآمدي سولر پينلز مان 25 هزار کان 30 هزار ميگاواٽ تائين بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت هوندي. في الحال ڇتين تي لڳل سولر پينلز ذريعي 6000 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، جيڪا ڪنهن به وقت ٻيڻي ٿي سگهي ٿي.
حڪومت بجلي جي گرڊ سسٽم تي دارومدار گهٽجڻ سبب سولر جي تيزيءَ سان پکڙجڻ کي محدود ڪرڻ جا رستا ڳولي رهي آهي، ڇو ته رڳو ڪيپيسيٽي پيمنٽس هن مالي سال ۾ 1.7 ٽريلين رپين تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.