اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪئمپ تي حملي جي ڪوشش ناڪام، چار خارجي مارجي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز آپگهاتي حملو ناڪام بڻائيندي چئن خارجين کي دوزخ ڀيڙو ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب، اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ خارجين سيڪيورٽي فورسز تي آپگهاتي حملي جي ڪوشش ڪئي، جيڪا فورسز ناڪام بڻائي ڇڏي ۽ 4 دهشتگرد ماريا ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ خارجي بارود سان ڀريل گاڏي سيڪيورٽي فورسز جي ڪئنپ جي ڀِت سان ٽڪرائي، جنهن سبب ڌماڪو ٿيو، جڏهن ته 3 ٻيا دهشتگرد ڪئمپ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، وقتائتي ۽ دليراڻي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ٽئي دهشتگرد ڪئمپ ٻاهران ئي مارجي ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز کي ڪنهن به قسم جو نقصان نه ٿيو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ٻن ڏينهن دوران افغان طالبان جي حمايت يافتا 88 خارجي ماريا ويا آهن ۽ آخري خارجي جي خاتمي تائين پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ جي دفاع لاءِ مضبوطيءَ سان مقابلو ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.