اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد، پشاور ۽ ايبٽ آباد سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
گلگت ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ٿيا.
موسميات کاتي موجب، موجب، راولپنڊي، اسلام آباد، چترال، سوات ۽ مالاڪنڊ ۾ به زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا.
زلزلي ماپ مرڪز موجب، زلزلي جي شدت 5.6 ۽ زمين اندر اونهائي 120 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي آهي، زلزلي جو مرڪز افغانستان جو هندوڪش ريجن هو.