”شيخ حسينه کي 1400 ڀيرا موت جي سزا ڏني وڃي“ فريادي ڌر جي عدالت کي اپيل

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينه کي گذريل سال شاگردن جي اڳواڻي ۾ ٿيل احتجاجن تي ”بدترين ڪريڪ ڊائون“ ڪرڻ تي موت جي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيوويو آهي.
شيخ حسينه گذريل سال شاگردن پرتشدد احتجاج کانپوءِ ڀارت فرار ٿي وئي هئي، مٿس بنگلاديش ۾ ”انسانيات خلاف ڏوهن“ جو ڪيس هلندڙ آهي.
ليڪ ٿيل هڪ آڊيو ڪلپ موجب، شيخ حسينه سيڪيورٽي فورسز کي احتجاج ڪندڙن خلاف ”خطرناڪ هٿيار“ استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، پر شيخ حسينه اهڙن الزامن جي ترديد ڪندي رهي آهي.
مارچ ۾ آن لائين ليڪ ٿيل آڊيو ۾ شيخ حسينه کي اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته هوءَ سيڪيورٽي فورسز کي مظاهرين خلاف خطرناڪ هٿيارن جي استعمال جي اجازت ڏيندي مٿن گولي هلائڻ جو حڪم ڏئي رهي آهي.
ياد رهي ته گڏيل قومن جي جاچ ٽيم موجب، گذريل احتجاجي تحريڪ دوران اٽڪل 1400 ماڻهو مارجي ويا هئا، جڏهن ته شيخ حسينه واجد ۽ سندس پارٽي عوامي ليگ اهڙن الزامن کي رد ڪيو هو.
چيف پراسيڪيوٽر تاج الاسلام خميس ڏينهن عدالت کي ٻڌايو ته شيخ حسينه کي 1400 موت جي سزا ڏيڻ گهرجي، پر جيئن ته ائين ممڪن ناهي، انڪري کيس هڪ ڀيرو ڦاهي ڏني وڃي.
هن چيو ته شيخ حسينه تاحيات اقتدار ۾ رهڻ چاهي هئي ۽ کيس رڳو پنهنجي ڪٽنب جي ڳڻتي هئي.
شيخ حسينه جي وڪيل جو موقف هو ته احتجاج ڪندڙن جي پرتشدد ڪارروائين جي جواب ۾ پوليس کي فائر ڪرڻ تي مجبور ٿي.
شيخ حسينه سان گڏ سندس حڪومت ۾ گهرو وزير رهندڙ اسد الزمان خان ڪمال ۽ اڳوڻي پوليس سربراهه چوڌري عبدالله المامون خلاف به ڪيس هلي رهيو آهي.
واضح رهي ته احتجاج سول سروس ۾ 1971ع جي جنگ ۾ حصو وٺندڙ جي پونئرن کي ڏنل ڪوٽا خلاف شروع ٿيو، جيڪي ڏسندي ڏسندي هڪ وڏي تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويو ، جنهن جي نتيجي ۾ شيخ حسينه جي حڪومت ختم ٿي وئي، جيڪا 15 سالن کان ملڪ ۾ اقتدار ۾ هئي.
تحريڪ جا سڀ کان ڀوائتا منظر 5 آگسٽ تي ڏسڻ ۾ آيا، جڏهن شيخ حسينه هيلڪاپٽر ذريعي ملڪ مان فرار ٿي وئي، ڇو ته احتجاج ڪندڙن جو هجوم ڍاڪا ۾ سندن رهائشگاهه ڏانهن وڌي رهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.