ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي زيارت ضلعي مان اغوا ٿيل اسسٽنٽ ڪمشنر جي پٽ مستنصر بلال کي بازياب ڪرايو ويو آهي.
سبي ڊويزن جي ڪمشنر ۽ مغوي اسسٽنٽ ڪمشنر جي هڪ ويجهي مائٽ مستنصر بلال جي بازيابي جي تصديق ڪئي آهي.
ياد رهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر زيارت افضل باقي ۽ سندس پٽ کي هلندڙ سال 10 آگسٽ تي زيارت جي سياحتي ماڳ ” زيزري“ مان اڻڄاتل هٿياربندن اغوا ڪيو هو.
هٿياربندن گاڏي جي ڊرائيور ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جي گن مين کي ڇڏي ڏنو هو پر کيس ۽ سندس پٽ کي اغوا ڪري گاڏي کي باهه ڏئي ڇڏي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هاڻي اسسٽنٽ ڪمشنر جو پٽ مستنصر بلال گذريل رات بازياب ٿيو.
واضح رهي ته زيارت، انتظامي طور تي سبي ڊويزن جو حصو آهي، رابطو ڪرڻ تي سبي ڊويزن جي ڪمشنر اسدالله فيض مستنصر بلال جي بازيابي جي تصديق ڪئي، جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر جي ڀاءُ عبدالمجيد به پنهنجي ڀائيٽي جي بازيابي جي تصديق ڪئي، پر هن ٻڌايو ته کيس اڃا گهر نه پهچايو ويو آهي.
اڃا تائين اِهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر جي پٽ جي بازيابي ڪيئن بازياب ڪرايو ويو آهي.