اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته ڀارت طرفان افغانستان ۾ دهشتگردن جي پٺڀرائي، تربيت ۽ ٻين سرگرمين جو رڪارڊ موجود آهي.
پرڏيهي آفيس ۾ هفتيوار پريس بريفنگ دوران ترجمان شفقت علي خان چيو ته پاڪستان افغان پرڏيهي وزير جي انهن بيانن کي رد ڪري ٿو، جنهن ۾ هن چيو ته دهشتگردي پاڪستان جو اندروني مسئلو آهي. دهشتگردي سڀني جو مسئلو آهي ۽ ان کي ڪنهن هڪ ملڪ سان نه ٿو جوڙي سگهجي ٿو.
هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا سفير هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ موجود آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معمول جا رابطا جاري آهن.
سندس چوڻ هو ته ”في الحال دوحا ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين بابت تفصيل فراهم نٿا ڪري سگهجن.“
ترجمان چيو ته پاڪستان پنهنجو دفاع جو حق استعمال ڪيو، اسان جون ٽارگيٽ ۽ دفاعي جوابي ڪارروايون افغان عوام جي خلاف نه هيون. افغان طالبان جي درخواست تي 48 ڪلاڪن لاءِ جنگ بندي ڪئي وئي، پاڪستان ڳالهين تي يقين رکي ٿو.
هن چيو ته پاڪستان افغان عبوري پرڏيهي وزير امير خان متقي جي ڀارت ۾ ڏنل بيان کي به ردڪري ٿو.
ترجمان موج
ترجمان چيو ته پاڪستان افغان پرڏيهي وزير جي ڀارتي دوري دوران جاري ڪيل گڏيل پڌرائي پڻ رد ڪري ٿو، جنهن ۾ والاريل ڪشمير کي ڀارت جو حصو ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو ڪشميري عوام کي نظرانداز ڪرڻ برابر آهي.
شفقت علي خان بريفنگ دوران اِهو به چيو ته پاڪستان بار بار طالبان حڪومت کي افغانستان ۾ شدت پسندن ۽ ڀارت جي پٺڀرائي بابت آگاهه ڪيو ۽ پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا آهن، پاڪستان 40 لک افغان شهرين جي ميزباني ڪئي آهي ۽ هاڻي اميد آهي ته طالبان حڪومت دهشتگردي خلاف ڪم ڪندي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين تي افغان شهرين جي موجودگي بابت قانون موجب قدم کڻي رهيو آهي.
ڀارت افغانستان ۾ دهشتگردن کي ٽريننگ ڏئي رهيو، پاڪستان ڳالهين تي يقين رکي ٿو: پرڏيهي کاتو
You might also like