لاهور/اسلام آباد(امداد سومرو)وزيراعظم شهباز شريف ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اهم ملاقات باوجود حڪمران اتحاد جا اختلاف ختم نه ٿي سگهيا. ذريعن موجب ٻنهي پارٽين جي اعليٰ سطحي ڪميٽين جي گڏجاڻي ۾ پيپلزپارٽي جي وفد پنجاب حڪومت جي رويي ۽ نون ليگ جي اڳواڻن جي بيانن تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو چيو ته اسان کي پنجاب ۾ سياسي طور نظرانداز ڪيو پيو وڃي. شيري رحمان به الزام لڳايو ته بلاول ڀٽو تي بي بنياد تنقيد ڪئي وئي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف معذرت ڪندي چيو ته معاملو نواز شريف سان ڳالهائي حل ڪيو ويندو ۽ ٻي ملاقات جلد ٿيندي. پيپلزپارٽي 18 آڪٽوبر تي پنهنجي مرڪزي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ حڪومت سان اتحاد جاري رکڻ بابت فيصلو ڪندي.