مورو (رپورٽ :جاني مورائي) مورو شهر جي ريلوي لائن ڀرسان هڪ نوجوان جو لاش هٿ آيو، جنهن کي مقامي ماڻهن سرڪاري اسپتال مورو منتقل ڪيو. اسپتال ۾ لاش جي سڃاڻپ درس واسي خدا بخش عرف بادشاھ ولد علي حسن سومرو طور ڪئي وئي.مقتول جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جو نوجوان ڪپڙي جي دڪان تي ڪم ڪندو هو، جيڪو ٻن ڏينهن کان ڪم تي نه ويو هو. اڄ صبح سوير هو پرائيويٽ بئنڪ مان کنيل قرض جي قسط جمع ڪرائڻ لاءِ گهران نڪتو هو، جنهن کانپوءِ اسان کي اطلاع مليو ته هو فوت ٿي ويو آهي ۽ سندس لاش اسپتال ۾ پيل آهي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني يا تڪرار ناهي، تنهنڪري نوجوان جي فوتگي جا سبب حيرت جوڳا آهن اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او مورو علي اڪبر کوکر پوليس ٽيم سان گڏ اسپتال پهتو، جتي هن مقتول جي وارثن کان تفصيل ورتا ۽ چيو ته واقعي جي مڪمل جانچ ڪئي پئي وڃي.