مذهبي پارٽيون ڇو بڻايون وڃن ٿيون؟ نديم افضل چن

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ تي پوليس جي ڪارروائيءَ تي حڪومت ۽ اختيارين کي مبارڪ ملڻ گهرجي، ۽ رياست جو پاڻ کي مڃرائڻ ضروري هو. پر گڏوگڏ اهو به لازمي آهي ته سعد رضوي سميت سمورن جوابدارن جي گرفتاريءَ کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ قانون تي سختي سان عملدرآمد ٿئي.پ پ اڳواڻ نديم افضل چن ٽوئيٽ ڪيو ته معاشري ۾ اهو بحث ٿيڻ گهرجي ته مذهبي جماعتون ڇو بڻايون وڃن ٿيون؟انهن جو منشور قابل عمل آهي؟جيڪڏهن ڪڏهن انهن جو استعمال ٿيو آهي ته استعمال ڪندڙن کي ڪا سزا ملي؟ان معاملي تي ڪميشن بڻائي وڃي،هن چيو ته اهو سٺو موقعو آهي ته اسان جي ان گورک ڌنڌي ماڻهن جي زندگين کي حرام ڪري رکيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.