سري نگر(م ڊ) جيڪڏهن ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان سان کيڏي سگهي ٿي، افغان وزير هتي اچي ڳالهين ڪري سگهن ٿا، ته پوءِ پاڪستان سان ڳالهائڻ ۾ ڇا حرج آهي؟ ڳالهه ٻولهه جنگ جو بهتر متبادل آهي. اهڙو اظهار ڪشمير جي نائب وزيراعليٰ سُريندر سنگھ بارا مولا ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڪئي. ڀارت جي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز ليفٽيننٽ جنرل راجيو گھاءِ ۽ الهندي ڪمان جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل منوج ڪمار ڪٽيآر جي بيانن تي پنهنجو ردِ عمل ظاهر ڪندي سريندر سنگھ چيو ته جيڪو ماڻهو ڊگهيءَ فاصلي تي ويهي جنگ جون ڳالهيون ڪن ٿا، انهن کي سرحدي آباديءَ جو دورو ڪري اصلي حالت جو مشاهدو ڪرڻ گهرجي. جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي. هن چيو ته جديد دور جون جنگون صرف فوجن کي نقصان نه ڏينديون، پر انهن ۾ ٻنهي پاسن جا ماڻهو به متاثر ٿيندا. سريندر سنگھ چيو: "سرحدي ڳوٺ جو رهواسي هجڻ جي حيثيت سان مان سمجهان ٿو ته ميڊيا ۾ جنگي جنون کي هٿي ڏني وڃي ٿي. پر انهن غريبن جو ڇا جن جا گهر آپريشن سندور ۾ اجڙجي ويا، اڪثر کي اڃان معاوضو ئي نه مليو آهي. ان کان اڳ هڪ پريس ڪانفرنس دوران انڊين فوج جي مغربي ڪمانڊ جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل منوج ڪمار ڪٽيآر چيو هو ته "آپريشن سندور 2.0 اڳ واري مقابلي ۾ وڌيڪ شديد هوندو، جيڪڏهن پاڙيسري ملڪ پنهنجو رويو نه بدلايو ته ان کي ان جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.