نيويارڪ (نمائندو خصوصي) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) نيويارڪ چيپٽر پاران شهيد صحافي امتياز مير جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پاڪستان جي قونصل خاني آڏو پرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔احتجاج جي اڳواڻي چيپٽر جي ڪوآرڊينيٽر ڪاشف جلباڻي ۽ سانا نيويارڪ جي جنرل سيڪريٽري رمضان چانڊيو ڪئي. مظاھري کي خطاب ڪندي ڪاشف جلباڻي چيو ته سنڌ حڪومت جي سستي ۽ پوليس جي ناڪارا ڪارڪردگي سبب امتياز مير جهڙو بهادر صحافي انصاف کان محروم آهي، رمضان چانڊيو خطاب ۾ چيو ته سنڌ ۾ پوين ڪجهھ سالن ۾ صحافي امتياز مير، جان محمد مھر ۽ ٻيا ڪيترائي صحافي پنھنجي صحافتي ذميوارين دوران شھيد ڪيا ويا آھن پر پوليس ۽ حڪومتي ادارا صحافين جي قتل جي ڪيسن ۾ ڪا اڳڀرائي نه ڪئي آھي، صحافي شوڪت زرداري مطالبو رکيو ته امتياز مير جي قتل جي اصل سببن کي سامهون آڻڻ لاءِ فوري طور تي هڪ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي،سينيئر صحافي حسن مجتبيٰٰ چيو ته رياستي رٽ جو نه هجڻ ۽ انصاف ۾ دير انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي۔شهيد صحافي جو سؤٽ ارشاد ڀنگر پڻ احتجاج ۾ شامل ٿيو ۽ سنڌ حڪومت جي غير سنجيدگي ۽ پوليس جي سستي تي سوال اٿاريا۔احتجاجي مظاهري ۾ سانا جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري علي خاصخيلي، ڊاڪٽر غلام نبي انڙ، ڊاڪٽر ظفر راجپر، محمد علي ڪوريجو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي۔