مڊل ڪلاسي سياسي ڪارڪنن کي حڪمراني ڪرڻ نٿي ڏني وڃي:سعد رفيق

لاهور/پشاور(م ڊ)ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق  ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته مون اڳ ئي اڳڪٿي ڪئي هئي ته شير افضل مروت کي پي ٽي آءِ مان نيڪالي ڏني ويندي،مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ خيبر پختونخواه جو نئون وزيرِاعليٰ ڀولي بادشاهه جهڙو محسوس ٿئي ٿو ،هو به عمران جي عشق ۾ مبتلا آهي،ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهي بدقسمت مڊل ڪلاس جا سياسي ڪارڪن سڌو سنئون جنگجو هوندا آهن؛ ليڊر ۽ جماعت جي عشق ۾ اڪيلو ئي تلوار کڻي مخالفن جي صفن ۾ داخل ٿي وڃن ٿا ۽ سڀ کان پهريان مارجي پوندا آهن.خوش نصيبي سان جيڪڏهن بچي ڪري واپس اچن ٿا  ته پوءِ پنهنجا ئي ماري ڇڏين ٿا. هن چيو ته مڊل ڪلاس کي ٿپڪي ۽ لڙائي لاءِ اڳتي ڪيو ويندو آهي، حڪمراني لاءِ نه.وقت جي اچڻ تي سهيل آفريدي جي عشق جو ڀوت پاڻ عمران خان صاحب ئي ڪڍي ڇڏيندو،ٻئي پاسي شير افضل مروت لکيو ته خواجه سعد رفيق منهنجي باري ۾ جيڪو لکيو، اهو بلڪل حقيقت تي ٻڌل آهي،مون کي عليمه خان ۽ بشريٰ بي بي جا گروپ جوائ نه ڪرڻ تي پارٽي مان نيڪالي ملي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.