جماعت اسلامي سنڌ پاران هارين سان ناانصافين خلاف مظاهرن جو اعلان

ڪراچي/ لاڙڪاڻو( رپورٽر)جماعت  اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته هارين ۽ آبادگارن کي ڪڻڪ، ڪمند، ڪپهه، سارين سميت ڀاڄين جا مناسب اگهه ۽ ڀاڻ، ٻج توڙي ڊيزل جي اگهن ۾ رعايت ڏئي سنڌ جي زراعت کي تباهي کان بچائڻ توڙي هارين جي معاشي قتل وارن فيصلن کي ختم ڪيو وڃي جماعت اسلامي ۽ ”ڪسان بورڊ“ هارين کي پنهنجا حق ڏيارڻ لاءِ هر پليٽ فارم تان پنهنجي جدوجهد جاري رکندي ان سلسلي ۾ آچر 19 آڪٽوبر تي ڪراچي کان ڪشمور تائين” هارين کي حق ڏيو“ جي عنوان هيٺ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا جنهن ۾ سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن کي ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي ضلع لاڙڪاڻي پاران رٿيل هڪ اهم ميٽنگ کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ضلعي صدر ايڊوڪيٽ نادر علي کوسو، صدر ڪسان بورڊ ضلع لاڙڪاڻو گلشير جکراڻي، قاري ابوزبير جکرو، طارق مير جت ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.  ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته مڊل مين توڙي مل مافيا آبادگارن جي فصلن مان منافعو ڪمائي ارب پتي ٿي ويا آهن .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.